اليڪشن 2013مختصر خبرون

باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو

عبدالمجيد جهتيال ،باڊهه
باڊهه: آل سنڌ ڪنڀر اتحاد بادهه جي سڏايل هنگامي اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ اميدوارن کي مشروط طور ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، آل سنڌ ڪنڀر اتحاد ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر رجب علي ڪنڀر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي جي جنرل سيڪريٽري محمد بخش ڪنڀر تعلقي ڏوڪري جي صدر شاهنواز ڪنڀر، محمد اسماعيل ڪنڀر، باڊهه جي سٽي جي سرپرست اعليٰ علي گوهر ڪنڀر، غلام شبير ڪنڀر، انور علي ڪنڀر، سڀني عهديدارن، ميمبرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن پاران تنظيمي معاملن تي غور ويچار ڪرڻ کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته هر دور م ڪنڀر برادري کي نظرانداز ڪري کين انساني بنيادي سهولتن کان ڄاڻي واڻي وانجهيل رکيو ويو، تنهن ڪري هن واري ملڪ ۾ رٿيل عام چونڊن ۾ اميدوارن کي لکت ۾ ٿيل معاهدي تحت پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪريون ٿا، اڳواڻن چيو ته باڊهه توڙي آسپاس جي سوين ڳوٺن ۾ هزارين ووٽ رکندڙ آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران پنهنجو قيمتي ووٽ ان اميدوار کي ڏياريو ويندو جيڪو اميدوار اسان سان انساني بينادي ضرورتن تعليم، صحت، ترقياتي اسڪيمن جي معاملن ۽ امن امان معيا ڪري ڏيڻ توڙي تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ جو لکت ۾ معاهدو ڪندو ته پوءِ ان اميدوار کي پنهنجي برادري جو ووٽ ڏياريو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button