باڊھ

باڊهه:علم جي هٿيار سان بهتر معاشرو قائم ڪري سگھجي ٿو، حاڪم چانڊيو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب جي تصوير
رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب جي تصوير
باڊهه: باڊهه جي ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ چانڊيا برادري جي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيو کي برادري جي چڱي مڙس جي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٻين برادرين جي چڱن مڙسن ۽ چانڊيا برادري جي ماڻهن سرائي محمد وارث سرگاڻي، فدا حسين سيهڙ، گلاب خان ڪولاچي، اسلام الدين جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي چانڊيا برادري جي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيي کي پڳ پارائي مختلف چڱن مڙسن پڳ کي ور ڏنا، تقريب کي چڱي مڙس رئيس حاڪم چانڊيي خطاب ڪندي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارين، هن چيو ته تعليم جهڙي هٿيار سان اسان پنهنجو بهتر معاشرو قائم ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته اسان معمولي ڳالهين تي هڪ ٻئي سان جهيڙن بدران ميٺ، محبت ۽ اخلاف سان پيش اچون ته سنڌ مان برادري توڙي قبيلائي جهيڙا ختم ٿي سگهن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button