اليڪشن 2013ھنڱورجا

اليڪشن ڪميشن جي حڪم باوجود سياسي اميدواران جا بينرلھي نه سگھيا

Election-Commission-of-pakistan6هنڱورجا: اليڪشن ڪميشن جي واضع حڪم باوجود خيرپور ضلعي جي سڀني شهرن ۾ سياسي اميدوارن جا وڏا وڏا بينر ۽ پينافليڪس اڃا تائين لهي نه سگهيا قومي شاهراهه توڙي وڏن ننڌن شهرن ۾ پينافليڪس توڙي سائين بورڊ لڳائڻ جو مقابلو جاري
تفصيل موجب ملڪ جي عام چونڊن جو اعلان ٿيڻ کان پوءِ اليڪشن ڪميشن پاران پينافليڪس ، بينر ۽ تصويرن وارا وڏا بورڊ لڳائڻ تي پابندي ۽ لڳل بورڊ هٺائڻ واري واَضع حڪمن باوجود خيرپور ضلعي جي ٻٻرلو کان رسول آباد تائين قومي شاهراهه ۽ خيرپور، راڻيپور، هنڱورجا ، پيرڳوٺ ،سيٺارجا ، ڪوٽڏيجي، ڪوٽ بنگلو، فيض گنج، گمبٽ، ڪمب سميت ضلعي جي هڪ سئو کان وڌيڪ شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پ پ ، فنڪشنل ليگ، نواز ليگ، سميت ٻين مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا وڏا وڏا پينافليڪس ، بورڊ، بينر ۽ تصويرن وارا بورڊ ضلعي انتظاميه اڃا تائين ناهن هٽايا جنهن ڪري مختلف شهرن ۾ هن وقت به سياسي اڳواڻن جا بورڊ لڳائڻ وارو مقابلو اڃا تائين جاري آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button