اسلام آباد

اسيمبلي جي مدت ختم، وزيراعظم جو قوم کي الوداعي خطاب

وزير اعظم راجا پرويز اشرف قوم کي الوداعي خطاب ڪري رھيو آھي
وزير اعظم راجا پرويز اشرف قوم کي الوداعي خطاب ڪري رھيو آھي
اسلام آباد: وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته چئني صوبن جي وڏن وزيرن ملڪي حالتن کي نظر ۾ رکندي منهنجي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون هڪ ئي ڏينهن تي ڪرائڻ جي تجويز سان اصولي طور تي اتفاق ڪيو آهي، ملڪ جي سياست جو رخ موڙي ڇڏيو آهي، انتقامي رياست جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي، اسان ڪنهن تي به زوري دٻاءُ وجهي ان جون وفاداريون تبديل نه ڪيون، اسان هڪ دفعو ٻيهر عوام وٽ وڃي رهيا آهيون ۽ اهي به وڃن پيا جيڪي گذريل ڀيري نه ويا، وزيراعظم راجا پرويز اشرف قوم کي الوداعي خطاب ڪندي چيو ته آئون الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان جو هن توهان سان مون کي مخاطب ٿيڻ جو موقعو ڏنو، هي تمام خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته قومي اسيمبلي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو آئيني مدو مڪمل ڪيو، جنهن تي آئون توهان کي مبارڪباد ڏيان ٿو، هن چيو ته منهنجي لاءِ هي ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مون جهڙو هڪ عام ڪارڪن اڄ پاڪستان جو وزيراعظم آهي ۽ قوم کي جمهوريت جي تسلسل جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي پاڪستان ۾ جمهوري ۽ غير جمهوري قوتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي پر هاڻي جمهوري قوتن آخر ڪار فتح حاصل ڪري ورتي آهي، اڄ هڪ چونڊيل جمهوري حڪومت ائيني طريقي سان اقتدار منتقل ڪرڻ جا مرحلا طئي ڪري رهي آهي، آئون هتي سياسي پارٽين ۽ انهن سمورن ادارن جو ٿورو مڃڻ ضروري سمجهان ٿو جن جمهوريت کي هٿي وٺرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، آئون ماضي جي تلخين جو ذڪر ڪرڻ نٿو چاهيان پر مستقبل جي تعمير جي لاءِ تاريخ تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي، پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان کي گولي جو نشانو بڻايو ويو، ان کانپوءِ ڪيترائي وزيراعظم سازشن جو شڪار ٿيا ايستائين جو هڪ مقبول ترين وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو، قائدعوام عوام کي ووٽ جوحق ڏنو، هزارين چورس ميل زمين واپس ڪرائي، 90 هزار جنگي قيدي واپس آندا، پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جو بنياد وڌو، هن ملڪ جي غريبن کي سر کڻي جيئڻ جو حق ڏنو، اسلامي دنيا ۾ پاڪستان جو قائداڻو ڪردار ڏنو، پاڪستان جي ان عظيم قائد ۽ محسن اسلام کي اقتدار جي ايوان مان ڪڍيو ويو ۽ هڪ بي بنياد ڪيس ۾ ڦاهي جي ڦندي تي چاڙهيو ويو، اڄ سڄي دنيا ان جي شهادت کي عدالتي قتل ڪرار ڏئي ٿي ۽ کيس ڦاهي تي چاڙهيندڙ شرمنده ۽ عوام جي نفرت جو شڪار آهن، ضياءُ جي مارشل لا جي ڪاري رات جو خاتمو ٿيندي ئي پاڪستان جي عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان محترمه بينظير ڀٽو شهيد کي هن ملڪ جو وزيراعظم چونڊي جمهوريت سان محبت ۽ والهاڻي لڳاءُ جو ثبوت ڏنو، پر جمهوريت جي خلاف سازشون جاري رهيون، محترمه جي حڪومت کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪيو ويو، تازو ئي اصغر خان ڪيس ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي ان دعويٰ کي تسليم ڪيو ويو جنهن ۾ هن چيو ته هو 1990ع جون چونڊون چورايون ويون، عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي وئي ۽ پ پ کي ان جي اقتدار جي حق کان محروم ڪيو ويو, مون کي اها ڳالهه چوندي خوشي ٿي رهي آهي ته منهنجي ان تجويز سان سڀني اصولي طور تي اتفاق ڪيو آهي، ان اڳڀرائي تي منهنجو حوصلو ۽ جمهوريت تي ايمان وڌيڪ پڪو ٿي ويو آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته عبوري حڪومتن تي اتفاق راءِ ٿي وڃي مون کي اهو به يقين آهي ته چونڊن جا باقي مرحلا به خير خوبي سان طئي ٿي ويندا، آئون سمورين سياسي پارٽين، قومي ادارن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي اپيل ڪريان ٿو ته چونڊ عمل کي آزاد، پرسڪون ۽ خوشگوار ماحول ۾ مڪمل ڪن ۽ اڳواڻ ۽ ڪارڪن پنهنجي عمل سان دنيا تي ثابت ڪن ته اسان هڪ باشعور، پرامن، ذميدار ۽ جمهوري قوم آهيون.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button