زراعت

اتر سنڌ ۾ سون ايڪڙن تي پوکيل سئونف جو فصل تيار لاباري لاءِ تياريون

Saunf (640x377)هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ سون ايڪڙن تي پوکيل سئونف جو فصل تيار لاباري لاءِ تياريون، مارڪيٽ ۾ سئونف جو اگهه چوٽ چڙهيل سئونف پوکيندڙ آبادگارن کي فائدو، تفصيل موجب اتر سنڌ جي مختلف ضلعن خيرپور ، سکر، شڪارپور، گهوٽڪي،جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، نوشهروفيروز، نوابشاهه سميت ٻين ضلعن ۾ سوين ايڪڙن تي پوکيل سئونف جو فصل مڪمل طور تي تيار ٿي ويو آهي جنهن جي ڪٽائي لاءِ جلد لابارو پڻ پوڻ وارو آهي سئونف جيڪو ٻين سڀني فصلن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ پوکيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ سئونف جو فصل پوکيندڙ آبادگارن کي وڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي ڪڻڪ جي فصل سان گڏ پوکجدڙ سئونف جي فصل جو لابارو به ڪڻڪ جي فصل سان گڏ ٿئي ٿو هن وقت سئونف جو اگهه مارڪيٽ ۾ في ڪلو 250 کان 300 روپيه تائين في ڪلو وڪامي رهيو آهي جڏهن ته جلد مارڪيٽ ۾ نئون سئونف پهچڻ وارو آهي سئونف پوکيندڙ آبادگارن دين محمد چانگ، غلام عباس راڄپر، نور محمد ، منصور شر ۽ ٻين ٻڌايو ته سئونف جو فصل فائديمند آهي اپت وڌيڪ ٿئي ٿي پر اهو فصل سهيڙڻ ۾ ڏکيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button