زراعتھنڱورجا

اتر سنڌ ۾ سرنهن ( رائي ) جي فصل ۾ لابارو پئجي ويو

هنڱورجا: اتر سنڌ ۾ سرنهن ( رائي ) جي فصل ۾ لابارو پئجي ويو مارڪيٽ ۾ سرنهن جو اگهه گهٽ هجڻ ڪري آبادگارن جا مٿي Mustarad plant (640x207)تي هٿ ، سرنهن جي تيل جو اگهه وڌيڪ هجڻ باوجود سرنهن جو اگهه 18 سئو کان ٻه هزار تائين في مڻ وڪرو ٿيڻ لڳو
تفصيل موجب اتر سنڌ جي ضلعي خيرپور ، شڪارپور، گهوٽڪي، نوشهروفيروز ، سکر ، لاڙڪاڻو سميت ٻين ضلعن ۾ هزارين ايڪڙن تي پوکيل سرنهن رائي جي پوکيل فصل ۾ گذريل هفتي کان لابارو شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ سرنهن رائي مارڪيٽ ۾ اچي وئي آهي جڏهن ته سرنهن جو اگهه اڳ جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري گهٽ هجڻ ڪري آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. هن ڏس ۾ مليل ڃاڻ موجب هن ڀيري سرنهن جو اگهه مارڪيٽ ۾ 18 سئو کان 2 هزار روپيه في مڻ وڪرو ٿي رهيو آهي جيڪو گذريل سال 21 سئو کان 24 تائين وڪرو ٿي هيو جڏهن ته جو تيل مارڪيٽ ۾ 180 روپيه في ڪلو جڏهن ته گذريل سال سرنهن واري تيل جو اگهه سئو ٽيهه کان سئو چاليهه روپيه في ڪلو وڪرو ٿيو. جڏهن ته سرنهن واري کڙ جو ڪٽو 16 سئو روپيه مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي . سرنهن جو فصل پوکيندڙ آبادگارن خدا بخش سهتو، ممتاز حسين ، حاجي چانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ سرنهن جو اگهه ٽي کان چار سئو روپيه گهٽ آهي جڏهن ته خرچ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٿيو آهي هنن ٻڌايو ته سرنهن جي پيدوار في ايڪڙ 12 مڻ کان 16 مڻ تائين ٿي آهي جڏهن ته هن ڀيري سرنهن جي فصل بيماري کان بچيل رهيو ۽ اڳ جي ڀيٽ ۾ سرنهن جي وڌيڪ پوکائي پڻ ٿي آهي هنن چيو ته سرنهن جي خريداري لاءِ سرڪاري سطح تي سينٽر ۽ مقرر اگهه نه هجڻ ڪري واپاري پنهنجي مرضي سان گهٽ ريٽ تي آبادگارن کان سرنهن خريد ڪن ٿي جيڪا وڏي نا انصافي آهي. ڇوته واپاري آبادگارن کان سستي ريٽ سرنهن خريد ڪري وڌيڪ منافو ڪمائي ٿو. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداري جيان سرنهن جي خريداري لاءِ به سينٽر مقرر ڪري مناصب ريٽ تي آبادگارن کان سرنهن خريد ڪئي وڃي. واضع رهي ته سرنهن رائي مان تيل نڪري ٿو ۽ چوپائي مال لاءِ کڙ پڻ تيل مان نڪري ٿي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button