روھڙي

آبادگارن جي مظاھرن رنگ لاتو، شاخن ۽ واهن جي کاٽي ڪرائڻ جو اعلان

Farmers protestingهنڱورجا : سنڌ آبادگار اتحاد جي هڪ مهيني کان شاخن ۽ واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف هلندڙ احتجاج نيٺ رنگ لاٿو آبپاشي ڪامورن آبادگارن آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا آبپاشي انجنيئر نيٺ مجبور ٿي شاخن ۽ واهن جي کاٽي ڪرائڻ ، پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو لکت ۾ معاهدو ڪري آبادگارن کي جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي آبادگارن ۾ خوشي جي لهر مطالبن جي عمل نه ٿيو ته عدالت جو در کڙڪايو ويندو آبادگارن جو اعلان.
تفصيل موجب سنڌ آبادگار اتحاد پاران تعلقي صوڀوديرو جي 17 شاخن واهن جي کاٽي نه ٿيڻ ۽ پاڻي چوري خلاف آبادگارن ۽ هارين جي ڪانڊيرو خان سهتو، لونگ خان حطار، نظر لاڙڪ، منظور منڱڻيجو، شمن عباسي، رضا کوکر، خدا بخش سهتو، ممتاز سهتو جي اڳواڻي ۾ هڪ مهيني کان هلندڙ احتجاجي تحريڪ نيٺ رنگ لاٿو ۽ آبپاشي انجنيئر خيرپور حبيب الله ميمڻ ، ايس ڊي او آبپاشي گمبٽ ابراهيم خواجه مجبور ٿي آبادگارن جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ لڳل احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي هڪ ڪلاڪ تائين آبادگارن سان ڳالهيون ڪري لکت ۾ معاهدو ڪيو ويو جنهن ۾ تعلقي جي هنڱورجا مائينر ، سيٺارجا مائينر محراب واهه جي 10 مارچ کان کاٽي شروع ڪئي ويندي باقي ٻين شاخن جي ان بعد کاٽي ڪرائي ويندي ۽ تعلقي جي مڙني شاخن جي پڇڙين تائين پاڻي جي پهچايو ويندو ۽ پاڻي چورن جي خلاف ڪيس داخل ڪرايا ويندا. صوڀوديري شهر جو گندو پاڻي جيڪو واهه ۾ هلي ٿو اهو بند ڪرايو ويندو. اهڙي معاهدي کان پوءِ آبپاشي انجنيئر بک هڙتالي آبادگارن کي جوس پياري احتجاج ختم ڪرائي ڇڏيو ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل نه ڪيو ويو ته عدالت جو در کڙڪايو ويندو. جڏهن ته آبپاشي انجنيئر ميڊيا کي ٻڌايو ته آبادگارن جي سڀ مطالبا جائز آهن جيڪي حل ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button