ھنڱورجا

ھنڱورجا: اڳوڻي ايراني سفير ايم بي عباسي ۽ ٻين پاران ھڙتال جو اعلان

MB Abbasi (640x290)هنڱورجا : سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي هنڱورجا ۾ تعلقي صوڀوديرو جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل 10سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي ور ڇڙهي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن ۽ واهن جي 3 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ خلاف ڪانڊيرو خان سهتو ، نظر لاڙڪ، ،لونگ حطار، ممتاز سهتو، خدا بخش سهتو، منظور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخي ناصر شاهه گيٽ سامهون پهچي قومي شاهراه تي احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري آبپاشي ۽ اسڪارپ ڪامورن جي خلاف شديد نعريبازي ڪئي بعد ۾ آبادگار ۽ هاري 9 ڏينهن کان قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي آبادگارن جي وڏي انگ بک هڙتال ڪئي ، آبادگارن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي اڳوڻو ايراني سفير ايم بي عباسي ، اڳوڻو سيڪريٽري سيد گدا حسين شاهه ، سردار شاهه نواز ڪلهوڙو، ڪامريڊ نياز حسين ڪلهوڙو، سيد نظر عباس شاهه، پي پي اڳواڻ دوست محمد سهتو، سنڌ هاري ڪاميٽي جو صوبائي اڳواڻ مير منور ٽالپر، ضلعي صدرمحمد صالح سومرو، کان علاوه مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ڪئمپ تي پهچي حمايت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي ايم بي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪارپ جا ٽيون ويل ناڪارا هجڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي ، پر چونڊيل نمائدن جي ڪن تي جوء به نٿي چري اهيا بيحسي جي انتها آهي ، سنڌ ۾ بدامني عروج تي پهتل آهي امن امان جي خراب صورتحال تي ڪنهن کان ڳڻتي ناهي، هوڏانهن بل هڙتالي آبادگارن ميڊيا کي ٻڌايو ته اسڪارپ جا 200 ٽيوب ويل 10 سالن کان بڻيل آهن ۽ انهن جي مرمت لاءِ انيدڙ ڪروڙين روپيه ڪامورا هڙپ ڪري ويا آهن سم سبب آبادگارن جي هزارين ايڪڙ زمين تباهه ۽ برباد ٿي رهي آهي، ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ سبب پڇڙي تائين پاڻي نٿو پهچي جيڪا وڏي ذيادتي آهي اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button