پي ايس ٽي پاس اميدوارن جو مظاھرو جاري
سکر (بيورورپورٽ) سنڌ يونيورسٽي مان 2008 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي آفرليٽر نه ملڻ ۽ رشوت جي گهر کان تنگ اچي ڪري سکر پريس ڪلب جي آڏو احتجاج ڪيو، مظاهري جي قيادت رشيد چنه، ابراهيم، ۽ ٻين ڪئي، جنهن ۾ تعليم کاتي جي عمل جي عڪاسي ڪندڙ هڪ ٽريلر پيش ڪيو ويو، ان ۾ ڏيکاريو ويو ته رشوت ۽ سفارش جو زور ميرٽ تي سبقت حاصل ڪيل آهي، پورا چار سال ٿيا آهن آرڊر ملڻ لاءِ انتظار ڪندي،ان جي ٻئي طرف ڳري رشوت عيوض آرڊر ملڻ جي بازار گرم لڳي پئي آهي، اهڙي ماحول ۾ اسان هٿين خالي ۽ صرف ميرٽ جي سهاري ڪهڙو طرف وٺئون، هن سال 3 1 0 2 ۾ اين ٽي ايس واري جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ پڻ اسان ڪامياب ٿيا آهيون، اسان واڳ ڌڻين کي اپيل ٿا ڪريون ته خدارا نوجوانن جي زندگين سان نه کيڏو ۽ ادارا تباهه نه ڪريو، سنڌ کي تباهه نه ڪريو،ان موقع تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته جن 2008 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اڃان تائين اسان کي تعليم کاتي پاران آفر ليٽر نه ڪيا آهن، نوڪري جي حصول جي لاءِ اسان کي احتجاج ڪندي 196 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃان تائين اسان کي آفر ليٽر فراهم نه ڪيو ويو، هنن ٻڌايو ته تعليم کاتي جي ڪرپٽ آفيسر پنهنجي من پسند ماڻهن کي پئسن جي عيوض آفر ليٽر تقسيم ڪري رهيا آهن، اسان غريب آهيون، رشوت جي لاءِ اسان وٽ رقم نه آهي، گهريلو پريشانين کان تنگ اچي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهيون، آفرليٽر نه ملڻ جي ڪري نوبت فاقه ڪشي تائين وڃي پهتي آهي، هاڻي ته اسان جي گهرڀاتين نوڪري جي آس وڃائي ڇڏي آهي، هنن صدر پاڪستان، وزيراعظم، وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته اهي آفر ليٽر جي عدم فراهمي جو نوٽيس وٺندي اسان کي نوڪري ڏني وڃي ته جيئن اسان پنهنجي گهر جي ڪفالت ڪري سگهون.