پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس اڃان آرڊر جي اوسئيڙي ۾
سکر (بيورورپورٽ) سنڌ يونيورسٽي مان 2008 ۾ پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪرڻ وارن اميدوارن کي آفرليٽر نه ملڻ ۽ رشوت جي گهر کان تنگ اچي ڪري سکر پريس ڪلب جي آ ڏو انڌو، منڊو ۽ ٽنڊو ٿي ماڻهن کان خير خيرات گهرندي پني ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري جي قيادت رشيد چنه، ابراهيم، ۽ ٻين ڪئي سکر پريس ڪلب جي آڏو هڪ اميدوار پاران انڌو، منڊو ۽ ٽنڊو ٿي علامتي معذور ٿيڻ جو ڊرامو رچائي ڪري انوکو احتجاج ڪيو ان موقع تي مظاهرين ميڊيا کي ٻڌايو ته جن 2008 ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر اڃان تائين اسان کي تعليم کاتي پاران آفر ليٽر نه ڪيا آهن، نوڪري جي حصول جي لاءِ اسان کي احتجاج ڪندي 178 ڏينهن ٿي ويا آهن، پر اڃان تائين اسان کي آفر ليٽر فراهم نه ڪيو ويو، هنن ٻڌايو ته تعليم کاتي جي ڪرپٽ آفيسر پنهنجي من پسند ماڻهن کي پئسن جي عيوض آفر ليٽر تقسيم ڪري رهيا آهن، اسان غريب آهيون، رشوت جي لاءِ اسان وٽ رقم نه آهي، گهريلو پريشانين کان تنگ اچي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهيون، آفرليٽر نه ملڻ جي ڪري نوبت فاقه ڪشي تائين وڃي پهتي آهي، هاڻي ته اسان جي گهرڀاتين نوڪري جي آس وڃائي ڇڏي آهي، هنن صدر پاڪستان، وزيراعظم، وزير اعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين کان مطالبو ڪندي چيو ته اهي آفر ليٽر جي عدم فراهمي جو نوٽيس وٺندي اسان کي نوڪري ڏني وڃي ته جيئن اسان پنهنجي گهر جي ڪفالت ڪري سگهون.