سکر
پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدن جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف ڌرڻو
سکر (بيورورپورٽ) نامعلوم ماڻهن پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي شهيد قائدين جون تصويرون ڦاڙڻ خلاف پ پ جي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ پ پ اڳواڻ محمد پناه سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سکر، روهڙي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڪري احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن جي ڪري سکر ۽ روهڙي جي ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته نامعلوم ماڻهن گذريل رات اوندهه جو فائدو کڻندي اسان جي قائدين جا پوسٽر ڦاڙيا جيڪو انتهائي افسوسناڪ عمل آهي، پ پ جي ڪارڪنن پنهنجي قائدين جي تصويرن سان ٿيندڙ زيادتيون ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، هنن سکر انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي فور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.