پاڪستان راندين جي انعقاد لاءِ محفوظ هنڌ آهي، برڪات احمد رضوي
حيدرآباد : ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن سيد برڪات احمد رضوي چيو آهي ته پاڪستان جا رهواسي امن پسند آهن ۽ راندين خاص طور تي ڪرڪيٽ سان تمام گهڻي محبت رکن ٿا . هن چيو ته 6 فيبروري 2013 تي نيازاسٽيڊيم حيدرآباد ۾ افغانستان ۽ ڪمبائينڊ ريجنل اليون جي وچ ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ جو اهتمام ڪرائي اسان دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان راندين جي انعقاد لاءِ محفوظ هنڌ آهي . هو اڄ پنهنجي آفيس ۾ 6 فيبروري تي افغانستان ۽ ڪمبائينڊ ريجنل اليون جي وچ ۾ هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ميچ جي انعقاد جي سلسلي ۾ حفاظتي ۽ ٻين ضروري انتظامن جو جائزو وٺڻ بابت هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪري رهيو هو _ گڏجاڻي ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر طيب حسين ،صلاح الدين ، حيدرآباد ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر مير حِيدر ٽالپر ، ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد ڪلب راحت علي شاهه کان علاوه لاڳاپيل پوليس عملدارن ، واسا ، صحت ، تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سيد برڪات رضوي چيو ته ڪمبائينڊ ريجنل اليون ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ريجن جا رانديگر شامل آهن جنهن جي اڳواڻي ناليوارو ڪرڪيٽر شاهد خان آفريدي ڪري رهيو آهي جڏهن ته ميچ ڏسڻ لاءِ ڪا به ٽڪٽ فيس ناهي رکي وئي آهي_ هن، گڏجاڻي ۾ موجود لاڳاپيل عملدارن کي چيو ته هو ميچ جي منعقد ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ڇاڪاڻ ته حيدرآباد ۾ ڪافي وقت کانپوءِ ڪا غير ملڪي ٽيم کيڏي رهي آهي . هن، لاڳاپيل پوليس عملدارن کي هدات ڪئي ته هو ميچ دوران جٽادار حفاظتي انتظام ڪرڻ کي يقيني بڻائين . هن لاڳاپيل پوليس عملدارن کي نيازاسٽيڊيم جي چوڌاري سي سي ٽي ون ڪيمرائون ۽ واڪ ٿرو گيٽس نصب ڪرڻ ۽ اضافي نفري مقرر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. هن واسا انتطاميه کي نياز اسٽيڊيم جي ڀرپاسي وارن رستن تان گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جي پڻ هدايت ڪئي _ هن ٽريفڪ پوليس عملدارن کي ميچ جي ڏينهن شرڪت ڪندڙن جي گاڏين لاءِ الڳ پارڪنگ تيار ڪرڻ ۽ ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ روانگي کي يقيني بنائڻ جي پڻ هدايت ڪئي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي ميمبر طيب حسين چيو ته اسان حيدرآباد ۾ راندين جهڙين مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون.هن چيو ته جيئن ته 6 فيبروري تي ميچ منعقد ڪرڻ لاءِ مختصر وقت آهي تنهن هوندي به سمورن لاڳاپيل کاتن کي ميچ جي ڪامياب انعقاد ڪرائڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون ته جيئن اسانجو ملڪ ۽ خاص طور تي حيدرآباد ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ بحال ٿئي ۽ اقوام عالم کي پاڪستان جي مثبت تصوير پهچائي سگهجي . بعد ۾ ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد ميٽروپوليٽن ڪارپريشن سيد برڪات رضوي ، قومي اسيمبلي جي ميمبر طيب حسين ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ نياز اسٽيڊيم حيدرآبا جو دورو ڪيو ۽ اتي شائقين جي ويهڻ۽ ٻين گهربل انتظامن جو جائزو ورتو.