سکر

پارليمينٽ جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ جج پاسو ڪن، وفاقي وزيرسيد خورشيد احمد شاهه

عمر سومرو، سکر
Khursheed Shah at Sukkurمذهبي معاملن جي وفاقي وزيرسيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججن جي بيان کي پارليمينٽ ۾ بحث لاءِ آڻينداسين، پارليمينٽ پنجن سالن جو مينڊيٽ آهي، خود مختيار ۽ سپريم ادارو آهي، جيڪو آخري ڏينهن تائين قانون سازي ڪري سگهي ٿو،پارليمينٽ جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ جج پاسو ڪن ججن کي ڪرسيءَ تي ويهي ڪري ڳالهيون ڪرڻ وارن کي معاف نه ڪيو ويندو، انهن کي آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهندي ريمارڪس ڏيڻ گهرجن، سکر ۾مليٽري روڊ تي يوٽيلٽي اسٽور جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته ملڪي ادارن کي پنهنجي حد ۾ رهي ڪري ڪم ڪرڻ گهرجي اسان پنجن سالن ۾ هر شيءِ کي برداشت ڪيو آهي ايتري تائين جو وزير اعظم ۽ وزيرن کي به عدالتن ۾ وڃڻو پيو آهي، جڏھن ته ڪيس ثابت به نه ٿيا آهن جنهن جي باوجود اسان ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ ۾ انارڪي نه ڦهلجي جذبات سان ذهن سان فيصلا ڪرڻا پوندا آهن، باقي پنجيتاليهه ڏينهن ۾ اهڙو ڪو به فيصلو نه ڪنداسين جنهن سان ملڪ ۾ انارڪي ڦهلجي يا ڪنهن کي ايڪشن ڪرڻ جو بهانو ملي سگهي، هن چيو ته صوبن جي قيام جي حوالي سان آئين ۾ جيڪو طريقي ڪار آهي، ان کي ئي استعمال ڪيو پيو وڃي، هن مسلم ليگ ن کي چيو ته انهن جو ڌرڻو جمهوريت جي سازش جي خلاف هوندو،هاڻي احتجاج يا ڌرڻي کان پوءِ معلوم ٿي سگهندو، هن چيو ته ذخيره اندوزي صرف هتي نه هرجڳهه تي ٿيندي آهي انهن جي خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اليڪشن اليڪشن هوندو آهي، هڪ هزار ماڻهن کي گڏ ڪرڻ سان ڪوبه چونڊون کٽي نٿو سگهي، ان جو فيصلو 8 1 ڪروڙ ماڻهو ڪندا آهن، ڪنهن کي ڪاڳالهه ذهن ۾ نٿي وجهي سگهجي اسان چونڊن کي آسان نٿا سمجهون، جي يو آءِ هن وقت اپوزيشن ۾ آهي ان کي پنهنجي لاءِ ڪو به فيصلو ڪرڻ جو حق حاصل آهي، اسان سان گڏ به ساڍن چئن سالن تائين حڪومت ۾ رهي آهي،سيد خورشيد احمد شاه چيو آهي ته جمهوري حڪومت پهنجا پنج سال پورا ڪري رهي آهي جيڪو پاڪستان جي سياست ۾ سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندوپارليمنٽ سپريم ادارو آهي هن چيو ته صدرآصف علي زرداري جي مفاهمت واري پاليسي جي ڪري جمهوريت کي فروغ مليو آهي هن چيو ته سکر ۾ سوسائيٽي ۾ ٿيندڙ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سکر جي ڊپٽي ڪمشنر کي آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڪير چوي ٿو ته سکر ۾ ترقياتي ڪم نه ٿي رهيا آهن، سکر جي بندر روڊ تي 5 2 کان 0 3 ڪروڙ روپين جا ڪم ٿي رهيا آهن، يارنهن ملين روپين جي رقم سان سکر شڪارپور روڊ جي تعمير جو ڪم جاري آهي، ٻن ارب روپين جي لاڳت سان اسپورٽس ڪامپليڪس جو ڪم هلي رهيو آهي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران پابندي بعد نوڪرين جا ڪي به نوان آرڊر جاري نه پيا ڪيا وڃن،

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button