ھنڱورجا

هنڱورجا: پاڻي جي خلاف مظاھرو

Abadgar protesting Hingorja (640x324)هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار جي سڏ تي 200 کان وڌيڪ ٽيوب ويل گذريل 10 سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين تباهه ٿي وڃڻ ۽ 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف تعلقي جي چاليهه کان وڌيڪ ڳوٺن ڳوٺ ڪينجهر، ڳوٺ سهتا، ڳوٺ سولنگي، ڳوٺ مڱڻيجا، ڳوٺ خدا بخش سهتو، ڳوٺ پناهه سولنگي، ڳوٺ جونگل خان چانگ، ڳوٺ ڀونگل خان چانگ، گاجي ڳوٺ، مڱڻا پوٽا، سميت ٻين ڳوٺن جي آبادگار ۽ هارين ريلين جي صورت ۾ هنڱورجا جي سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ پهچي قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي بعد ۾ آبادگار ۽ هاري ڪانڊيرو خان سهتو، نظر لاڙڪ، لونگ خان ، ممتاز سهتو، منظور منڱڻيجو، حاجي خان چانگ ٻين جي اڳواڻي ۾ 18 ڏينهن کان سخي ناصر شاهه گيٽ وٽ قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي هڪ سئو کان وڌيڪ آبادگار ۽ هارين بک هڙتال ڪئي. آبادگارن جي ڪئمپ تي فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي اڳواڻ ۽ درگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ، انيس احمد نوحاڻي، شاهه نواز سهتو، ايس يو پي سکر ڊويزن جي اڳواڻ راجا ڀيلار، جسقم جي تعلقي صدر ڪرم سامٽيو، يوسف ميمڻ ، سيد زاهد شاهه پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ پير سيد ڪاظم علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته وزيراعلي سنڌ جي ضلعي خيرپور جا اسڪارپ جا سمورا ٽيوب ويل ناڪارا آهن جنهن ڪري آبادگارن جو هزارين زرعي زمينون سم جي پاڻي ۾ اچي تباهه ٿي رهيو آهن پر وزيرن ۽ مشيرن جي ڪن تي جوء به نٿي چري جيڪا وڏي ناانصافي آهي . آبادگار اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 200 اسڪارپ جا ٽيوب ويل ناڪارا هجڻ ڪري ڀلور زرعي زمينو به سم جي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون آهن جنهن ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو. جڏهن ته شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون مڪمل طور تي پورجي ويون آهن ٻئي پاسي اسڪارپ کاتي خيرپور جي انجنيئر سيد رجب شاهه جو چوڻ آهي ته صوڀويرو جا ڪجهه ٽيوب ويل بور فيل هجڻ ڪري بند آهن انهن لاءِ ڀلي آبادگار ڪيترو به احتجاج ڪن انهن ٽيوب ويلن کي ٺهرائڻ منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button