مڪاني نظام سنڌ دشمن منصوبو نه آهي ان نظام جي بدولت سنڌ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيندو، ناصر حسين شاهه
سکر(بيورورپورٽ) ق ليگ ۽ مهر گروپ مان پ پ ۾ ٻيهر شامل ٿيل سکر جي اڳوڻي ضلعي ناظم سيد ناصر حسين شاهه جي وري ٻڌو، مڪاني نظام سنڌ دشمن منصوبو نه آهي ان نظام جي بدولت سنڌ ترقيءَ جي طرف گامزن ٿيندو اگر مخالفن کي مڪاني نظام جي حوالي سان خدشا آهن ته مان انهن کي پاڻ سان مناظرو ڪرڻ جي دعوت ڏيان ٿو سکر ريس ڪورس روڊ تي منقعد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي هن جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ ورهائڻ جو سودو نه ڪيو آهي ان جي مخالفت ڪرڻ وارا اگر سوچ کان ڪم وٺن ته مڪاني نظام سنڌ دشمن منصوبو نه آهي جلسي کي اڳوڻي تعلقه ناظم روهڙي اسلم شيخ پي پي سکر سٽيءَ جو صدر مشتاق سريو، جنرل سيڪريٽري، ڊاڪٽر ارشد مغل، سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن پنج سال مڪمل ڪري عوام ۽ ملڪ جي ترقيءَ جي لاءِ ڪم ڪيو آهي اڄ ان جي خدمت جي اعتراف ۾ ملڪ جي ڪنڍ ڪڙڇ مان ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري شهيد قائدين جي فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ ڀرپور شموليت جو اعلان ڪري رهيا آهن جلدي ٻيهر عوام جي طاقت جي بدولت پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار ۾ اچي ڪري عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته اگر سکر جي عوام ٻيهر ساٿ ڏنو ته سکر جي سياسي تاريخ تبديل ڪري ڇڏيندا سين هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي خلاف سازشون ڪندڙ عناصر پنهنجون ڪيون ويندڙ سازشين جو شڪار ٿي ويا آهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي نون چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن سميت پيپلز پارٽيءَ جو هر هڪ ڪارڪن عوا مي خدمت جي جذبي سان سرشار ٿي ڪري پنهنجي شهيد قائدين جو پيغام عام ڪرڻ لاث ڪو شان آهي سکر ۾ خورشيد شاهه هجي يا ناصر شاهه هجي عوام جي خدمت لاءِ پي پي جي هر ڪارڪن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود آهيون ڪارڪن پارٽيءَ جو اثاثو هوندا آهن هنن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مشن کي جاري رکڻ لاءِ اگر اسان کي وڌيڪ جانين جو نظرانو پيش ڪرڻو پيو ته ان کان پوئتي نه هٽندا سين بعد ۾ جلسي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد قائد محترمه بينظير ڀٽو جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ دعا به ڪئي وئي جلسي ۾ پاڪستان مسلم ليگ اڳواڻ عامر مغل سليم خان، رفيع آرائين، پرويز مسيح، نواب گل ۽ ٻين پنهنجي ساٿين سان گڏ جي پاڪستان پيپلز پارٽي سان گڏ جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي مسلم ليگ ن کي خيرآباد چئي ڪري پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪندڙ ماڻهن سان پنهنجو مڪمل تعاون جاري رکندي.