ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف
اسلام آباد: وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا جي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ چئلينجن کي موقعن ۾ تبديل ڪيو وڃي، معيشت جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ گئس جي پيداوار ۾ تيزي آندي وڃي. هن اها ڳالهه جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ پيٽروليم معاملن جي باري ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم کي آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪارپوريشن لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) جي تيل ۽ گئس جي ڳولا جي منصوبن ۽ سيڙپڪارن جي لاءِ مراعتن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ کوٽائي ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل حصيداري منصوبن جي ذريعي هر ممڪن ڪوششون استعمال آنديون وڃن ته جيئن معيشت جي ڦيٿي کي هلائڻ ۽ توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ توانائي کي نظام ۾ آڻي سگهجي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته تيل ۽ گئس جي ڳولا جي سرگرمين واري علائقن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن ۽ ڪاروباري سماجي ذميداري جي تصور تحت انهن علائقن ۾ تعليم، صحت، راندين ۽ صفائي جي سهولتن کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن مقامي آبادين جي ترقي ٿئي
اي پي پي