آرٽيڪل

عذاب جو سبب بڻيل روڊ …….!!

اسلم نهڙيو
بدين
Ox cartهونئن ته بدين شهر جا ڪئي روڊ ۽ گليون توهان کي ٽٽل ڦٽل ۽ اجڙيل حالت ۾ ملنديون، ڪن روڊ ۽ گلين جو جيڪڏهن ڪو مرمتي ڪم ٿيو به آهي ته ڪميشن خور ٺيڪدارن ناقص مٽيريل سان رات پيٽ ۾ لڳي ائين ٿو ته علاوالدين جي چراغ واري جن جي مدد سان تيار ڪيا هُجن.انهي شهر ۾ ڪجهه بدنصيب روڊ اهڙا به آهن جنهن تي بدين جي خيرخواهن جي يا ته ڪڏهن نظر ئي نه پئي آهي يا ته وري سائين جن جو انهي روڊ تان ڪڏهن گُذر ئي ناهي ٿيو، جو انهن کي ڪو احساس ٿيئي ته انهي ٽٽل ڦٽل روڊ تان به ڪي ماڻهو پنهنجن ٻچن ٻارن/سامان وغيره سان گذرندا هوندا، انهي مان هڪ روڊ جيڪو ون وي طور شاهنواز چوڪ کان پوسٽ آفيس/ ڪڍڻ روڊ ڏانهن وڃي ٿو. “هي بدنصيب اهو ئي روڊ آهي جنهن انهي چوڪ ۾ هڪ با اثر جيالي اتي بيٺل ٽريفڪ پوليس واري جي پٽڪي صرف انهي لاءِ ڌوڙ ڪئي جو انهي کي ون وي ٽوڙڻ ڪونه ٿي ڏني”، جنهن روڊ تان جيالو لينڊڪروز ۾ هڪ دفعو به گذرڻ گوارا نه ڪري انهي روڊ تان ڪيترائي ٻچڙيوال چنگچين، گڏهه گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي روز خبرناهي ته ڪيترا دفعا گذرن ٿا انهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو هوندو، انهي جو ڪو احساس به آهي. ٻيو بدنصيب روڊ شاهه برهان روڊ آهي جيڪو بلاول پارڪ کان آرمي شگر ملز طرف وڃي رهيو آهي. هي هن جديد دور جو اهو روڊ آهي جنهن تي اسان جي ماهر “ميونسپال انتظاميان” خالي گٽرن جا سليب به اهڙا ته جديد ٺاهيا اٿن جو انهي تان ٽو ڊي ، ڪلٽس، ڪورئي، مهراڻ ڪار ته ٺيو پر چنگچي رڪشائين لاءِ به عذاب جو سبب بڻيل آهي. اهيو روڊ ته ٽٽل ڦٽل اڳ ۾ ئي هو پر خدارا انهي تي جيڪي سليب ٺاهيا اٿئون سي ته ڪنهن فضيلت وارا ٺاهيو ها، جيڪڏهن ماڻهن کي سڪ ته نٿا ڏئي سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ انهن لاءِ ويتر عذاب ته پيدا نه ڪريو. ٽيون ماروي ڪاليج/سبزي منڊي وارو روڊ آهي، جنهن تي گنڌ جا ڍير لڳا پيا آهن، جنهن جي ڪري ڪاليج ويندڙ نياڻين کي تمام گهڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻون پوي ٿو ٻيو ته انهي روڊ تي اسپيشل ٻارن (انڌن، ٻوڙن، گونگن )جو سينٽر به موجود آهي، گليون ته سڄي شهر جون اُجهڙيون پيون آهن پر روڊن کي ته ڪجهه فصيلت ڀريو ڪريو. بدين کي پئرس ڪرڻ وارا في الحال ايئرڪنڊيشن گاڏين ۾ پروٽوڪول جي صورت ۾ ٻاهريان پاسا ڏئي گذريو ٿا وڃو. انهن روڊن تي توهان جي اچ وڃ ڪونهي پرهاڻ اُهي ڏينهن به پري ڪونهي جو توهان کي انهن روڊن تان گذري اسان کان وري به ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻون پوندو پوءِ شايد اهي روڊ توهان کي به پيٽ ۾ وٽ وجهن تنهن کان بهتر آهي انهي کي ٿوروگهڻو پئرس جهڙو نه ئي صحيح ٽٽڊي باگي جي روڊ جهڙو ٺارائي ڏيو ته به اسان انهي کي غنمت سمجهي پاڻ جي وڏن جيان پاڻ کي به ڀٽي جا قرضي سمجهي شايد اسين به اُها ئي غلطي ڪري توهان کي وري به ووٽ ڏيون. ڀٽو اسان جي وڏن کي اٽي، لٽي ۽ اجهو جو خواب ڏيکاري قرضي ڪري ويو ۽ توهان اسان بدين وارن کي پئرس جو خواب ڏيکاريو آهي سو به خبر ناهي ته ڪڏهن ساڀيان ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button