حيدر آباد

عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون، مظفر شجراع

MUZAFFAR SHUJRA PHOTO 1 (640x243)حيدرآباد : سنڌ جي بحالي واري صوبائي وزير مظفر شجراع چيو آهي ته جيڪڏهن ملڪي حالتن اجازت ڏني ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون ٻي صورت ۾ سمورين ڌرين جي گڏيل راءِ سان لائحه عمل جوڙيو ويندو اهڙو اظهار هن اڄ زيبسٽ جي 11 هين سالياني ڊپلومه ايوارڊ تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو صوبائي وزير مظفر شجراع چيو ته عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿينديون پر جيڪڏهن ملڪي حالتون چونڊن لاءِ سازگار نه ٿيون ته سمورين ڌرين سان صلاح مشاورت ڪئي ويندي هن چيو ته هن وقت ٻاهريان هٿ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهي هٿ وٺي ڪراچي سميت ٻين علائقن جو امن امان خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هڪ سوال تي هن چيوپ ته چونڊن بابت قانونسازي ۾ ڪابه ترميم نه ڪئي ويندي جڏهن ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي مفاهمت تحت پ پ پ سمورين ڌرين گڏ کڻي هلڻ چاهي ٿي هڪ سول تي هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان نوڪرين ۽ ترقياتي اسڪيمن تي پابندي غير قانوني آهي ڇاڪاڻ ته حڪومت پنهنجي پوري مدي دوران پنهنجو ڪم ڪري سگهي ٿي تنهن هوندي به هن چيو ته اسين اليڪشن ڪميشن جي اهڙي پابندين جو احترام ڪيون ٿا پر اليڪشن جي اعلان کان پهرين اهڙي قسم جي پابندي جو ڪو جواز نه آهي هن چيو ته حڪومت 6 اپريل2013 تائين روزگار ، ترقياتي اسڪيمن سميت ٻيو ڪاروهنوار هلائي سگهي ٿي ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير چيو ته تمام جلد گهارو شهر ۾ 500 ايڪڙ زمين تي هڪ ميڊيڪل يونيورسٽي قائم ڪئي ويندي جنهن لاءِ پ پ پ حڪومت ترڪي جي حڪومت سان ياداشت نامي تي صحيحون پڻ ڪري ورتيون آهن هن چيو ته هي هڪ عالمي معيار جي يونيورسٽي هوندي هن چيو ته زيبسٽ هن وقت معياري تعيلم کي هٿي وٺرائي رهيو آهي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مشن هو ته سنڌي قوم کي معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button