سکر
طالبان سان ڳالهين لاءِ طاقت نه پر سياسي حل ڳولهڻ گهرجي، ظفر اقبال جهڳڙا
سکر (بيورورپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري ظفر اقبال جهڳڙا چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين لاءِ طاقت نه پر سياسي حل ڳولهڻ گهرجي ته جيئن اهو مسئلو جڙ کان ختم ڪيو وڃي، طاقت سان وقتي طور تي ته مسئلي کي دٻائي سگهجي ٿو پر هميشه لاءِ نه، سکر ۾ تنظيم فڪر و نظر جي دوري جي موقعي تي ظفر اقبال جهڳڙا جو چوڻ هو ته طالبانن پاران ڳالهين جي سٺي پيشڪش کي ويلڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اهو سٺو موقعو آهي جڏهن ميان صاحب واضح طور تي بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته اسان ملڪ ۾ امن و امان جي ڪوششن کي ويلڪم ڪنداسين پر جتي حڪومت جي گارنٽي جي ڳالهه آهي ماضيءَ ۾ اسان جا تجربا ڪافي تلخ رهيا آهن، هن چيو ته پنجاب ۾ نئي صوبي جي حوالي سان مسلم ليگ ن ڪا به رڪاوٽ پيدا نه ڪري رهي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي آئيني طريقيڪار ۽ صوبائي قرارداد جي مطابق اڳتي وڌي ته ان سان گڏ آهيون.