شڪارپور:ضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن
رشيد مھر، شڪارپور
شڪارپورضلعي ۾ اليڪشن ويجھو ايندي سياستدانن پنھنجون سرگرميو تيز ڪري ڇڏيون آھن ۽ ايندڙاليڪشن ۽ وڏي خونا ريزي جو خطرو وڌي ويو آھي، خاص طور تي غوث بخش مھر جوفنڪشنل ليگ ۾ شموليت سان ضلعي ۾ پيپلزپارٽي جي قيادت ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو آھي ، پيپلزپارتي طرفان ضلعي ۾ مضبوط اميدوارن لاءِ ڊڪ ڍوڙ شروع ٿي وعي آھي، خاص طور تي اين اي 203 تي سخت مقابلي جا امڪان آھن ، پيپلزپارٽي طرفان ميربابل خان ڀيوکي غوث بخش مھرجي مقابلي لاءِ بيھارڻ جون تياريون آھن ، ھوڏانھن اين اي 202 تي ب صدر زرداري جي صلاخڪار ڊاڪٽر قيوم سومري جي ڀاءُ کي ڏيڻ لاءِ اطلاع مليا آھن، ھن ڀيري ب پيپلزپارٽي لاءِ امڪاني طور تي جڙيل راڄوڻي اتخاد مشڪلاتون ضرور پيدا ڪندو، شڪارپور ۾ شھيد راڻي جي موت کان پوءِ وارو جڙيل سياسي ماحول جي ڪري ۽ ب پيپلزپارٽي طرفان عوام جا ڪم ن ٿيڻ پيپلزپارٽي مان بيزار ٿي ويو آھي، ايندڙ اليڪشن ۾ شڪارپورضلعي مان سيٽون ڪڊڻ تمام ڏکيوبڻجي ويو آھي،ھن اليڪشن ۾ سياسي ماخول مختلف ھوندو. خاص طور تي ڳڙھي ياسين –لکي غلام شاھ واري سيٽ تي عوام ۽ سياستدانن طرفان فوج مقرر ڪرڻ جو مطالبوڪيو ويو آھي.