مختصر خبرون

شهري تعاون ڪن ته شهر مان حد دخليون ختم ٿي سگھن ٿيون، ايس ايس پي سکر

سکر (بيورورپورٽ) ايس ايس پي سکر سيد پير محمد شاهه چيو آهي ته ڏوهه پوري دنيا ۾ ٿيندا آهن جڏهن کان دنيا قائم ٿي آهي تڏهن کان ئي ڏوهن جو سلسلو شروع ٿيو هو، جيڪو اڃان تائين جاري آهي، جڏهن ته پوليس جو ڪم ڏوهن کي روڪڻ ۽ ڏوهارين عناصرن ۾ خوف پيدا ڪري انهن کي غير قانوني ڪم ڪرڻ کان روڪڻ آهي، ڏوهاري کي جان کان مارڻ پوليس کي نه پر جرائم ڏوهاري ماڻهن جي دلين ۾ خوف پيدا ڪرڻ آهي، شهري ۽ تاجر تعاون ڪن ته شهر مان حد دخليون ۽ ٽريفڪ جام وارو مسئلو ختم ڪري سگهجي ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ پاران ڏنل دعوت جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ اي ايس پي سکر سٽي عبدالرحيم شيرازي سميت ٻيا پوليس آفيسر ايڪسيئين سيپڪو آپريشن عبدالغفار ماڪو، سکر پريس ڪلب جو صدر لالا اسد پٺاڻ، محمد زمان باجوا به شرڪت ڪئي، ان موقعي تي حاجي شفيع عباسي، عبدالستار راجپوت، شڪيل قريشي، برڪت علي سولنگي، عامر فاروقي، حاجي غلام شبير ڀٽو، ڊاڪر بنڌاڻي، پرويز چنه، بابو ڪريم، محمد حسن، جهنڊي شاهه سميت ٻين تاجر برادري جا ماڻهو به شامل هئا، سکر اسمال ٽريڊر جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو ته سکر ۾ قيام امن جي حوالي سان ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه، اي ايس پي سٽي عبدالرحيم شيرازي ۽ ان جي ٽيم جا ٻيا پوليس آفيسرن جي پيشه ورانه خدمتن کي ساراهائيندي، ۽ پنهنجي پاران هر ممڪن تعاون جو يقين ڏيارايو، ۽ ايڪسين سيپڪو عبدالغفار ماڪو جي ڪاوشن کي به ساراهائيندي حاجي جاويد ميمڻ چيو ته عبدالغفار ماڪو پاران تاجر برادري ۽ شهرين کي اوور ريڊنگ، ڊڊيڪشن بلن جي شڪايتن جو اضالو ڪيو آهي، جنهن سان مقامي تاجرن جو سيپڪو تي اعتماد بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه وڌيڪ چيو ته شهر جي پري ٻهراڙي وارن علائقن ۾ پوليس ڊيوٽيون انجام ڏيڻ آسان ڪم ناهي، جڏهن ته شهرن ۾ مسئلا ۽ آبادي وڌيڪ هجڻ جي ڪري ٻاهرين شهرن جي جرائم پيشه ماڻهن جي غير قانوني حرڪتن جي ڪري فرار ٿي ويندا آهن، منهنجي سکر ۾ مقرري کان پوءِ ان سلسلي کي روڪڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ الله جي فضل ۽ ڪرم سان ڪاميابي ملي، ۽ شهر ۾ ڏوهن جي شرح نه هجڻ جي برابر آهي، هن چيو ته ڏوهه پوري دنيا جو مسئلو آهي ۽ هر هنڌ ٿيندا آهن، ڇو ته جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي ته ڏوهن جو سلسلو تڏهن کان وٺي اڃان تائين جاري آهي، سٺا ۽ برا انسان هر جڳهه ۽ هر معاشري ۾ هوندا آهن، اسان کي مجرم کان نه پر جرم کان نفرت ڪرڻ گهرجي، ۽ جرائم پيشه عناصر ۽ غير قانوني ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن جي حوصله شڪني معاشري جو هر ماڻهو ذميداري سان ڪري ته معاشري ۾ امن وامان جي صورتحال وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿي، هن چيو ته سکر جا تاجر ۽ شهري تعاون ڪرڻ وارا ماڻهو آهن، شهر ۾ حد دخليون ۽ ٽريفڪ جام جي مسئلن جي حل لاءِ اگر تاجر برادري ۽ شهري رضاڪارانا طور تي اڳي وڌن ته شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ۽ هتان جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، ان لاءِ هر شهري کي پنهنجي گهر ۽ پنهنجي دوڪان کان ابتدا ڪرڻي پوندي، ڇو ته حڪومت انتظاميا جو شهرين کي بنيادي سهولتون ۽ امن فراهم ڪرڻ آهي جنهن لاءِ اسان هر روز ڪوشان آهيون تقريب ۾ آيل مهمانن کي سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پيش ڪيون ويون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button