لاڙڪاڻو

سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ ملڪ ۾صاف ۽ شفاف چونڊن واري دعوى ڪوڙي ثابت ٿيندي، ممتاز سهتو ۽ ٻين جو خطاب

lrkna sit new 02 (640x308)لاڙڪاڻو : بوگس ووٽر لسٽن جي خاتمي ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل نه ڪرائڻ خلاف اڄ جماعت اسلامي سميت مختلف سياسي، سماجي، مذهبي ۽ قومپرست ڌرين طرفان جناح باغ چوڪ تي زبردست احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جيڪو صبح جو يارهين وڳي کان منجهند جو ٽين وڳي تائين جاري رهيو. ڌرڻي ۾ شريڪ جماعت اسلامي، جي يو آءِ، مسلم ليگ (ن) جي يو پي، سني تحريڪ، ايس يو پي، مسلم ليگ (ف) سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم، جسمم، عوامي تحريڪ، هاري آبادگار بورڊ ۽ اسلامي جمعيت طلبه سميت پندرهن سياسي جماعتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي بوگس ووٽر لسٽ ختم ڪريو، اليڪشن ڪميشن کي آزاد ڪريو ۽ فوج جي نگراني هيٺ ڪراچي ۾ ووٽر لسٽون تصديق ڪيون وڃن جهڙا مطالبا لکيل هئا. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو ائڊووڪيٽ خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ان جي روح مطابق عمل نه ڪيو ويو ته پوءَ ملڪ ۾صاف ۽ شفاف چونڊن واري دعوى ڪوڙي ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ ووٽر لسٽن جي تصديق وارو عمل فوج جي نگراني هيٺ نه ڪرائي اليڪشن ڪميشن پاڻ کي ڪمزور ۽ اتحادي ڌر هٿان يرغمال ثابت ڪيو آهي، اسان ان کي آزاد، خودمختار ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪريون پيا. جيڪڏهن تصديق جو عمل ئي مشڪوڪ هجي ته پووءِ چونڊ نتيجا به مشڪوڪ هوندا ۽ پوءِ عوام اندر مايوسي پيدا ٿيندي. عوام کي جيڪڏهن جمهوري ۽ دستوري دڳ نه ڏنو ويو ته پوءِ هن ملڪ ۾ خوني انقلاب کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي. ڌرڻي ۾ هڪ ٺهراءَ ذريعي گهر ڪئي وئي ته چيف اليڪشن ڪمشنر لاءِ احترام آهي پر چونڊن کي تڪراري ۽ سياسي مداخلت جي خاتمي لاءِ بوگس ووٽر لسٽن جي خاتمي ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني هيٺ تصديقي عمل کي يقيني بڻائي عوام جو اعتماد بحال ڪيو وڃي. ڌرڻي کي مسلم ليگ(ن) جي علي گوهر ڀٽو، جي يو پي جي حافظ احمد علي عباسي، مسلم ليگ (ف) جي اصغر علي عباسي، ايس يو پي جي قمرالدين شيخ، جي يو آءِ جي راشد محمود سومرو، عوامي تحريڪ جي مقصود احمد سومرو، سني تحريڪ جي حافظ پيربخش، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) محمد علي ابڙو، جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو)سرفرازڪنڀر، هاري آباد گار بورڊ جو چيئرمين حاجي عبدالمجيد شيخ، اسلامي جمعيت طلبه سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ضمير راجه شيخ، جماعت اسلامي جي ضلعي اڳواڻن ڪاشف سعيد شيخ، محمد عاشق ڌامراه، علي گل چانڊيو، رضا محمد سومرو پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button