آرٽيڪل

سنڌ جو درد ۽ نئين قيادت وارو سوال ……!!؟.

زخمي رشيد مھر
Sindh-mapسنڌ جو عوام جيڪو صدين ڪنھن نئين خوشي جو متلا شي رھيو آھي پنھجي نيڻن ۾ اڻ ڳڻيا سپنا سانڍي اھڙي سنڌ ڏسڻ چاھي ٿو جتي سک ، سڪ ، پيار ، محبت ۽ چاھت جا ڀنڍار شامل ھجن ، اھا سنڌ جتي ڪنھن بيگناھ کي قبيلائي جھيڙن ۽ ٽارگٽ ڪلنگ جي آڙ ۾ سندن جي جسم کي گولين سان پروڻ نھ ڪيو وڃي ۽ اھڙي سنڌ جتي سياستدان صرف ۽ صرف سنڌ جي اٻوجھھ عوام جي اھنجن جي ئي ڳالھھ ڪندا ھجن ۽ پھنجا مفاد پاسيرا رکي عوام جي دردن جي خاتمي لاءِ ڏينھن رات پتوڙيندا ھجن ۽ نالي ماتر سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ڪروڙين روپيا پنھنجي بئينڪ اڪانٽس ۾ ٽرانسفر ڪري ٻھ ويلا ماني لاءِ پريشان عوام کي سواءِ انيڪ لڙڪن کانسواءِ ٻيو ڪجھھ بھ نھ ڏيڻ وارا سياستدان نھ گھرجن .
۽ ھن وقت بھ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي اڳيان رکي سياست جي شروعات ٿي چڪي آھي حڪومت ۽ شامل پارٽين ۽ مخالف جماعتن جي اندر مان اھو ئي آواز نڪري ٿو تھ تھ سنڌ جو عوام اسان کي چاھي ۽ اسان وٽ ئي سنڌ ڪارڊ موجود آھي پر ڏسڻو اھو آھي تھ سنڌ اندر جيڪا ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ کانپوءِواري صورتحال آھي ان سنڌ جي عوام تي تمام گھرا اثر ضرور ڇڏيا آھن ان لاءِ سنڌ جو عوام متبادل سياسي ميدان ۾ بيھڻ لاءِ تيار ٿي ويو آھي اھڙو سياسي ميدان جتي سنڌ جي عوام جي من اندر جي ڳالھين کان سواءِ انھن جي خواھشن جو بھ پوراءُ ٿئي،ڇاڪاڻ تھ ھاڻ سنڌ جو عوام سکڻن نعرن ۽ دلاسن واري سياست مان بيزار ٿي چڪو آھي، ھن جديد ۽ تيز ترين آنلائن ميڊيا سسٽم واري دور ۾ سنڌ جو عوام بھ پنھنجون سوچون تبديل ڪري چڪو آھي ان ڪري اھي سياستدان جيڪي چونڊن کان پوءِ سيڪيورٽي وڌائي پنھنجن ووٽرن کان ئي خوف محسوس ڪندا آھن انھن کي پنھنجا رويا ھاڻ تبديل ڪري ھڪ نئون جھان جوڙڻو پوندو ، 1967 کان وٺي اڄ تائين سنڌ جو عوام جيڪو پيپلزپارٽي جي واڳ واٺي ھلندو رھيو آھي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کان ويندي شھيد راڻي جي ڪيل سفر تائين سنڌ جي عوام پنھنجا سر گھور ڪري ڇڏيا آھن ۽ ڳڙھي خدا بخش ڀٽو جي سرزمين کي سياسي قبلو سمجھي تقدير کي تبديل ڪرڻ جا خواب ڏسندو رھيو آھي ، جنھن ڪري سنڌ جو عوام ڪجھھ بھ ٿيڻ باوجود بھ ھر ايندڙ چونڊن ۾ پنھجو ووٽ پيپلزپارٽي جي آغوش ۾ ڦٽو ڪندو آھي ۽ ھر ڀيري پراڻيون خطائون معاف ڪري نئين سر نوان جذبا کڻي ڪجھھ ڪرڻ جون دعوائون ساڻ ڪري پپلزپارٽي قيادت کي موقعو ڏنو ويندو آھي ، پر مختلف دورن ۾ پيپلزپارٽي اقتدار ۾ رھڻ دوران ڇاڇا ڪيو ۽ سنڌ جي عوام کي ڪھڙو فائدو ڏنو!!؟ اھا تھ ھڪڙي الڳ ڳالھھ آھي مگر سنڌ ۾ لاڳو ڪيل ٻٽي نظام کان پوءِ چار دفعا سڄي سنڌ بند ڪري اھو محسوس ڪرايو ويو تھ مفاھمت جي پاليسي جي آڙ ۾ اقتدار جا ڏينھن بچائڻ خاطر انتظامي طور تي سنڌ کي ٻن حصن ۾ ڪڏھن بھ قبول نھ ڪيو ويندو ، جيتوڻيڪ ان جي ابتڙ سنڌ حڪومت عوام جي احتجاجن ۽مڪاني نظام خلاف ڪيل کليل اظھار جو ڪوبھ احترام نھ ڪيو ، ۽ جلدي ۾ ان آرڊيننس کي قانون جي شڪل ڏني وئي ، ان کان علاوه 14 ڊسمبر تي فنڪشنل ليگ جي سڏ تي حيدرآباد ۾ قومپرستن سان گڏ لکين سنڌي گڏ ٿي رات جي پيٽ ۾ لاڳو ڪيل نظام کي رد ڪري ڇڏيو جڏھن تھ وزيراعلي قائم علي شاھ پنھنجو موقف ڄاڻائيندي چيو ھيو تھ مڪاني نظام سان ڪھڙو آسمان ٽٽي پيو آھي جي ايڇ ڪيو جا ماڻھو اڄ قومپرست سڏرائين ٿا .
اصل مقصد اھو آھي تھ ھن وقت سنڌ ۾ جيڪو سياسي وايو منڊل جڙي رھيو آھي ان ماحول ۾ ھڪ طرف سنڌ دشمن منصوبن خلاف آواز اٿاڙيندڙ سورھيھ بادشاھ جو سرچشمو پير سائين پاڳارو آھي تھ ٻئي طرف شھيد راڻي جو جانشين بلاول ڀٽوزرداري آھي جنھن پھنجي نئين انداز ۾ 27 ڊسمبر 2012 تي پنھنجي سياسي چونڊ مھم جو آغاز ڪري ڇڏيو آھي ، بلاول ڀٽوزرداري جو سنڌي ماڻھن تي حڪمراني ڪرڻ وارو انداز ڪيترو اثر انداز ٿئي ٿو !!؟ ڇا پيپلزپارٽي ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل مايوسي ، نااميدي ۽ ڪاوڙ واري اظھار کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي …!؟ ڇا سنڌ جو عوام شھيد راڻي جي جانشين کي ھر خطا معا ف ڪري ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀرپور مئينڊيٽ سان چونڊن ۾ ڪامياب ڪندو !؟ ۽پيپلزپارٽي جي پڻ اھا دعوٰي آھي تھ اسين سنڌي عوام کي اھو ڪجھھ ڏنو آھي جيڪو ماضي ۾ حڪمرانن نھ ڏنو ان ڪري سنڌ جو عوام ھڪ ڀيرو ٻيھر پيپلزپارٽي کي ئي اقتدار ۾ آڻيندو ، پر جڏھن اسين سنڌ ۾ نئين جڙيل متبادل سياسي قيادت تي نظر ڦيرايون ٿا جيڪا پيرسائين پاڳارو جي اڳواڻي ۾ پنھنجون وکون اڳتي وڌائي رھي آھي ، ۽ جيڪي سنڌ جي وحدانيت ،بقا واري منشور تي عمل ڪندي ايندڙ چونڊن ۾ پنھنجي تقدير آزمائيندا جن جو محور سنڌ۽سنڌي عوام آھي ۽ جن جي پڻ اھا ئي دعوٰي آھي تھ اسين سنڌ جي عوام جي بنيادي مسئلن جي ڳالھھ ڪري رھيا آھيون ، ان حوالي سان ڪجھھ سياسي تجزيھ نگارن جو اھو پڻ چوڻ آھي تھ پيپلزپارٽي پنھنجو بيڪ گرائونڊ ٺاھڻ لاءِ ، بلاول ڀٽوکي جيڪڏھن ميدان تي لاٿوبھ تھ ھڪ نئين قيادت طور سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي باقي پيپلزپارٽي مخالف قوتون ڪجھھ سيٽون ضرور حاصل ڪندي ان لاءِ تھ 2008 وارين چونڊن ۾ ان لاءِ پيپلزپارٽي ڪلين سوويپ ڪيو ھو تھ تڏھن شھيد راڻي جوماڻھن جي دلين ۾ مليل زخم تازو ھو ۽ اڄ صورتحال ان جي ابتڙ آھي ۽ اڄ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ سنڌ جو درد جاڳي ٿو ۽ سنڌ خلاف ڪيل سازشن واري روپ ۾ ناسور بڻيل آھي ۽ ھن حڪومت ۾ ڇڙواڳي، ٽارگٽ ڪلنگ ، ڪرپشن ، ميرٽ جي لتاڙ ۽ ڌارين جي آبادڪاري کان ويندي ڪراچي شھر کي ھڪ مخصوص جماعت جي ھٿن ۾ رموٽ ڪنٽرول ڏنو ويو ۽ شھر اندر وڌندڙ ڀتاخوري واپارين ۾ پيدا ٿيل بي چيني۽ وک وک تي ٽيڪس جي آڙ ۾ ملنڙ پرچي سسٽم سميت شھر ۾ ڇاڇا نھ ٿي رھيو آھي ..!! ، شھر ۾ ھر ھڪ فرد پاڻ کي غير محفوظ سمجھي ٿو صبح جوٻاھر وڃڻ مھل سوچي ٿو تھ ھو شام جو واپس گھروڃي گھر ڀاتين جو ديدار بھ ڪري سگھندو يا نھ ..؟ گڏوگڏ ڪراچي شھر ۾ ٿيل غير قانوني ڀرتيون جن جي نھ تھ اينٽي ڪرپشن انڪوائري ڪري ٿي ۽ نھ ئي نيب انھن کي ھٿ لاھي ٿي اھي ملازم جيڪي پگھار تھ سرڪاري کڻن ٿا مگر ڪم ھڪ مخصوص جماعت جو ڪري رھيا آھن ، ان کان علاوه ملڪ ۾ وڌندڙ انتھا درجي جي ڪرپشن ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آھي ، نيب چيرمئين اڊمرل (ر)فصيح بخاري طرفان ملڪ ۾ روزانو 10 کان 12 ارب روپين جي ڪرپشن عوام جي ذھنن ۾ اڻ ڳڻيا سوال ضرور اڀاريا آھن ، مفاھمت جي پاليسي جي آڙ ۾ ملڪ کي کوکلو ڪندڙ حڪمرانن کان چونڊن ۾ عوام اھو سوال ضرور ڪندو تھ اقتدار جي بقا لاءِ عوام جي روح تي رانڀوٽا ڇو پاتا ويا؟
ايندڙ2013 واري اليڪشن جيڪا سنڌ ۾ تبديلي ضرور آڻيندو ڇاڪاڻ تھ جيڪڏھن سنڌ جي عوام جيئن ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ وقت ھڪ آواز ھئا ۽ ائين ايندڙ چونڊن ۾ بھ سنڌ کي اڳيان رکي ووٽ جو استعمال ڪيو تھ تبديلي ضرور ايندي ، ۽ اسين سمجھون ٿا تھ ايندڙ چونڊن ۾ عوام اھڙو فيصلو ڪري جنھن ۾ ڪا بھ سوديبازي ۽ دغا موجود نھ ھجي ۽ اھڙي قيادت جي چونڊ ڪئي وڃي جنھن سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اکين ۾ رھجي ويل ھزارين خواب ساڀيا ن ماڻي سگھن ، ان لاءِ تھ ھڪ طرف اقتدار۽ مفاھمت جي پاليسي جي سٽ ۾ الجھيل پيپلزپارٽي ھوندي جنھن جي ھميشھ اھا ئي دعوي رھي آھي تھ پيپلزپارٽي اڳيان ڪيترا بھ پھاڙ بيھاريا وڃن مگر ان ھميشھ اڪثريت حصل ڪري ورتي آھي ، ھاڻي فيصلو سنڌ جو عوام ڪندو تھ اھي وطن يا ڪفن جو نعرو ھڻندڙ سورھيھ بادشاھ جي پير صبغت اللھ راشدي پيرسائين پاڳارو جو ساٿ ڏيندا يا ھڪ ڀيرو ٻيھر اٽو لٽو ۽ اجھو جو نعرو کڻي ايندڙ شھيد ذالفقار علي ڀٽو جي ڏوھٽي بلاول ڀٽو زرداري کي اقتدار جي آسمانن تائين پھچائي ڇڏيندا…..!!!؟؟
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button