حيدر آباد

حضرت شيخ الله ڏنو رحاڻپوٽو جو ساليانو عرس مبارڪ شروع

Urs at Kotri
ڪوٽڙي: معروف بزرگ حضرت شيخ الله ڏنو رحاڻپوٽو جو 174 ھون ساليانو عرس مبارڪ تاريخ 2،3 ۽ 4 فيبروري 2013 تي سندن مزار شريف واقع نزد ٽيليگراف ورڪشاپ ڪوٽڙي ۾ منعقد ٿي رھيو آھي، جنھن جو افتتاح سانق ضلع ناظم ڄامشورو ملڪ اسد سڪندر ڪندو. ان سلسلي ۾ درگاھ جي سجاده نشين الحاج پير بخش سمون عرس مبارڪ جي انتظامن جو جائزو وٺندي ڪمن جي نگراني ڪئي. ھن ٻڌايو ته ٽه روزا ميلي دوران ڏينھن جو مختلف ثقافتي رانديون ۽ ٻين رنگا رنگ پروگرامن کان علاوه روزانو رات جو محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي ويندي، جنھن ۾ ملڪ ۽ سنڌ جا نامور فنڪار حصو وٺندا ۽ لنگر عام به جاري رھندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button