حيدر آباد

ارڙي سبب هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ ٻار پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن، حليم عادل شيخ

Haleem Adilحيدرآباد :رليف واري صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ٻڌايو آهي ته ارڙي سبب هن وقت تائين 500 کان وڌيڪ ٻار پنهنجون حياتيون وڃائي چڪا آهن جنهن جو ڪارڻ گذريل ٽن سالن دوران صوبي ۾ آيل قدرتي آفتن سبب غذا جي کوٽ ، وقتائتي ويڪسين نه ٿيڻ ۽ ماڻهن ۾ مڪمل طرح سان علاج بابت آگاهي نه هجڻ آهي تنهن باوجود به سنڌ حڪومت پنهنجي وس آهر متاثر ماڻهن کي علاج سميت رليف فراهم ڪري رهي آهي ان باوجود به هن چيو ته جهڙي ريت صوبي اندر ارڙي هڪ وبا جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي ان صورتحال ۾ حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن طرفان مناسب ڪردار ادا نه ڪيو ويو آهي جنهن ڪري صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو پروٽوڪول تبديل ڪرڻ سميت هن وبا سبب فوتگين جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لازمي آهي . هن اهڙو اظهار اڄ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ داخل ارڙي جي مريض ٻارڙن جي عيادت ۽ اندروني سنڌ جي برسات متاثر علائقن ڏانهن سندس کاتي طرفان امدادي سامان روانو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو _ صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته گذريل ٽن سالن دوران اندروني سنڌ جا لکين ماڻهو متاثر ٿيا جن ۾ 2010 جي ٻوڏ دوران 71 لک ، 2011 دوران 31 لک ۽ 2012 دوران 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا جڏهن ته 2010 جي ٻوڏ دوران 30 هزار گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا ، ڏيڍ لک گهر متاثر ٿيا ۽ اڍائي لک کان وڌيڪ زرعي فصل پڻ تباهه ٿي ويو ان دوران وفاقي توڙي صوبائي حڪومت طرفان اربين رپيا متاثرن جي پرگهور ۽ بحالي لاءِ خرچ ڪيا ويا جڏهن ته متاثر علائقن ۾ 2010 دوران ساڍا 7 لک راشن جا ٿيلها ، 4 لک ڪمبل ۽ هڪ لک تنبو فراهم ڪيا ويا _ هن ٻڌايو ته سندس کاتي طرفان گذريل هفتي اندروني سنڌ جي برسات متاثر 13 هزار خاندانن لاءِ امدادي سامان جون 13 ٽرڪون روانيون ڪيون ويون ۽ اڄ امدادي سامان جون 12 ٽرڪون روانيون ڪيون ويون آهن _ هن ٻڌايو ته جيڪب آباد ، گهوٽڪي ، شهدادڪوٽ ، قمبر ۽ ٻين علائقن جا 33 لک کان وڌيڪ ماڻهو اڃان تائين پاڻي هيٺ آهن تنهنڪري نيشنل ڊزاسٽر ميجمينٽ سميت ٻين ادارن کي اتان پاڻي جي نيڪالي کي يقيني بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن گڏوگڏ صحت کاتي کي گهرجي ته هو متاثر علائقن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ حفاظتي ٽڪن جا ڪورس پڻ فوري طور تي ڪرائي ته جيئن وڌندڙ بيمارين کي روڪي سگهجي . هن ٻڌايو ته ارڙي هن وقت سنڌ جو وڏو الميو آهي ڇاڪاڻ ته 9 مهينن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن ۽ ڪجهه علائقن ۾ ويڪسين ڪرڻ باوجود به ارڙي جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن جيڪا هڪ خطرناڪ صورتحال آهي تنهن ڪري صحت جي عالمي اداري کي پنهنجو پروٽوڪول تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ ذميوارن جو تعين ڪرڻ انتهائي لازمي آهي _ هن چيو ته گذريل سالن جي آفتن دوران نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ پڻ تسلي بخش ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي جنهن ڪري متاثر علائقن ۾ غذا جي کوٽ سميت ٻين مسئلن جنم ورتو جنهن سبب 2012 ۾ 280 کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا . هڪ سوال تي هن چيو ته ارڙِي جي مريضن جي پرگهور لهڻ جو ڪم سندس کاتي جو آهي ۽ هو ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نه ڪري رهيو آهي ڇاڪاڻ ته آئين جي آرٽيڪل 84 اي تحت جتي به ڪا آفت اچي اتي سندس کاتي جو ڪم شروع ٿي وڃي ٿو. هڪ سوال تي هن چيو ته ارڙي مريضن جي امداد جي حوالي سان سندس ڳالهه کي ڪا خاص موٽ نه ملي رهي آهي جڏهن ته ناڻي کاتي جي سست رفتاري سبب فنڊز جاري ٿيڻ ۾ پڻ دير ٿي رهي آهي جنهن سبب امدادي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن تنهن باوجود به هن سڄي صوبي جي صورتحال باوجود مختلف رپورٽون صدر پاڪستان آصف علي زرداري ، سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين اعليٰ اختيارين ڏانهن پڻ موڪليون آهن جن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال کي بيان ڪندي ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ سفارشون ڪيون ويون آهن _ ان کان اڳ صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ سول اسپتال حيدرآباد جي پيڊز ۽ آئسوليشن يونٽ ۾ داخل ارڙي جي مريضن جي عيادت ڪئي ۽ انهن ۾ 50 کان وڌيڪ راشن جي ٿيلها ورهايا _ بعد ۾ صوبائي صلاحڪار حيدرآباد جي علائقي فتح چوڪ تي پهتو جتي سندس کاتي طرفان امدادي سامان سان ڀريل 12 ٽرڪون اندروني سنڌ جي برسات متاثر علائقن ڏانهن روانيون ڪيون ويو _ ان موقعي تي مسلم ليگ ق جا اڳواڻ چوڌري مظهر الحق ، ناصر بلوچ ، فردوس ناصر ، فريده لغاري ، تسليم زهره، رليف کاتي جا ڪوآرِڊينيٽر احمد رضا مگسي ، شاهد آرائين ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button