سکر

ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکن ٿا، ممتاز بخاري

Mumtaz Bukhari (640x241)سکر (بيورورپورٽ) سکر پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ممتاز بخاري چيو آهي ته ڪيمرامين ۽ فوٽو گرافر صحافتي دنيا ۾ ڪرنگهي جي حيثيت جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن، ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن جون صحافت لاءِ ڏنيون ويندڙ قربانيون رائيگان نه وينديون، سکر پريس ڪلب هر سطح تي سکر جي فوٽو گرافرن ۽ ڪيمرامينن جي حقن لا ءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب جي چونڊن ۾ جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيڻ بعد ڪيمرامين اينڊ جرنلسٽ فوٽو ايسوسئيشن پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي مو جود ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن سان ڳالهيون ڪندي ڪيون، ان موقعي تي ڪيمرامين اينڊ فوٽو جرنلسٽ ايسوئيشن جو صدر رئيس ابڙو، نعيم غوري، سيد قذافي شاه، بابر کوکر، ابراهيم سومراڻي، سلمان انصاري ۽ ٻيا موجود هئا، ممتاز بخاري وڌيڪ چيو ته هن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ گهٽ وسيلن سان مقامي فوٽوگرافرن ۽ ڪيمرامينن کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. محدود وسيلن جي باوجود پيشورانه ذميواريون نڀائڻ تي ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن جون خدمتون واقعي قابل تحسين آهن، هن ڪيمرامينن ۽ فوٽو گرافرن کي چيو ته هو پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪندي سکر پريس ڪلب جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button