ھنڱورجا

ڪوئيٽا واقعي خلاف ھنڱورجا ۾ ڌرڻو

Hingorja protest  (640x291)هنڱورجا: ڪوئٽه سانحي جي خلاف هنڱورجا ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪري سمورو ڪاروبار بند ڪيو ويو، مختلف شيعه تنظيمن مجلس وحدت المسلمين ، آءِ ايس او جي سوين ڪارڪنن مولوي منظور سولنگي، زنوار لياقت علي دايو، جواد ملاح، منور حسين شاهه ، زاهد شاهه ، ذاڪر حسين شاهه ، مبشر جهانگر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پنجهٽي چوڪ کان سخي ناصر شاهه گيٽ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي يا حسين جو صدائون بلند ڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ۽ روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون بيهجي ويون. ڌرڻي واري هنڌ دراگاهه سخي ناصر شاهه جي گادي نشين پير ڪاظم علي شاه يڪجهتي طور تي ويٺو ان موقعي تي شيعه اڳواڻن چيو ته ڪوئٽه ۾ شيعن کي ٽارگيٽ بڻائي شهيد ڪيو وڃي ٿو ان ڪري ڪوئٽه کي فوري طور تي فوج جي حوالي ڪري مظلومن کي قتل ڪندڙ ظالمن خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. اسان جو هي احتجاج مطالبن جي مڃتا تائين جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button