مختصر خبرون

ڪوئيٽا واقعي خلاف ٺري ميرواھ ۾ ھڙتال

ٺري ميرواهه : ڪوئٽه بم ڌماڪي خلاف شيعه علماء ڪائونسل ٺري ميرواهه پاران ٺري ميرواهه ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪرائي وئي ، جڏهن ته هزارين مومنين علامه اسد علي شر ، علامه النبي بخش دانش ، علامه رضا حسين رضواني ، زنوار سينگار حسين مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، جلوس جي صورت ۾ ٺري ميرواهه شهر جو گشت ڪيو ويو ۽ ناڪي تي ڌرڻو هنيو ويو دهشتگردن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ، مظاهرين گهر ڪئي ته شيعن جو قتلعام بند ڪيو وڃي ، ۽ دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button