مختصر خبرون

ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه رهيو آهي : اصغر مجاهد مهر

سکر (بيورورپورٽ) تنظيم فڪرونظر سنڌ جي زير انتظام ڪشمير نظرياتي اهميت ۽ پاڪستان جي موضوع تي هڪ مجلس مذاڪره تنظيم جي مرڪزي دفتر سنڌ اسلامڪ سينٽر ۾ زير صدارت چيئرمين تنظيم فڪرونظر سنڌ پروفيسر محمد علي راڄپر ۽ سينيئر نائب صدر فضل الله مهيسر ۽ تنظيم جي سڀ عهديدار ن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي، چيئرمين تنظيم پروفيسر اصغر مجاهد مهر پنهنجي صدارتي ڪلمات ۾ چيو ته ڪشمير ڪڏهن به ڀارت جو حصو نه رهيو آهي، تاريخي لحاظ سان ڪشمير هڪ جدا رياست رهي آهي، آخري دم تائين ڊوگرا راج هري سنگهه ان رياست جو راجا هيو،ڀارت ان سان ملي ڪري 1947 ع ۾ ڪشمير تي غاصبانه قبضو ڪري ورتو، ان جي فوج اڄ به ڪشمير مسلمانن تي ظلم ۽ ستم جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، ۽ ان جي حق خود اراديت کي اقوام متحده تسيلم ڪري قرارداد پاس ڪئي آهي، پر ڀارت عالمي ۽ اقوام متحده جي قرارداد تي عمل ڪرڻ کان لاچار آهي، جيتري تائين ڀارت مسلمانن جي حق خوداراديت کي تسيلم نه ڪندو، پاڪستان هر سطح تي مسلمانن جي اخلاقي، سياسي ۽ حق خوداراديت جي جدوجهد کي ۽ حريت پسند ڪشميرين جي هر قيمت تي حمايت جاري رکندو، جيئن ته ڀارت اسان جو پاڙيسري ملڪ آهي اسان ننڍي کنڊ ۾ امن چاهيون ٿا ۽ ڪشمير مسئلي جو بغير ڪنهن جنگ ۽ جدل کان حل ڪرڻ جا حامي آهيون، پر ڀارت ڪشمير کان علاوه اسان جي سنڌو درياءَ تي ڪيترا ڊيم ٺاهي پاڪستان جي ۽ صوبه سنڌ جي خودمختياري ۽ زرعي معيشت کي چئلينج ڪري رهيو آهي، اسان ڀارت جي ناپاڪ منصوبن ۽ ارادن جي ڀرپور نموني مذمت ڪيون ٿا، پروفيسر لياقت علي ڀٽو وائيس چيئرمين چيو ته ڀارت کي هر صورت ۾ اقوام متحده جي قرارداد حق خوداراديت کي مڃڻو پوندو، ٻي صورت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا تعلقات بهتر ٿي نه سگهندا، پروفيسر محمد علي راڄپر صدر تنظيم چيو ته ڀارت کي ڪشميرين کي آزادي ڏيڻي پوندي ۽ ڪشمير تي ڀارت جو ناجائز قبضو ڪنهن به صورت ۾ تسليم نٿو ڪري سگهجي، فضل الله مهيسر سينيئر نائب صدر تنظيم چيو ته تنظيم اڄ سڄي پاڪستاني قوم سان پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان ايڪي جو ڏينهن ملهائي رهي آهي، اسان جو مقصد هي آهي ته ڪشميري مسلمانن جي اخلاقي ۽ سياسي حمايت جاري رکي وڃي، پروفيسر محمد ابراهيم مهر جوائنٽ سيڪريٽري تنظيم چيو ته باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جو قول آهي ته ڪشمير پاڪستان جي لائف لائن آهي ۽ ڪشمير نظرياتي طور پاڪستان جو حصو آهي، جتي مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي، ڀارت جو قبضو عالمي اصولن ۽ اقوام متحده جي قرارداد جي بلڪل خلاف آهي، ڀارت کي کپي ته مسلمانن جي حق خوداراديت کي تسيلم ڪري پنهنجو غاصبانه قبضو ختم ڪري، ڊاڪٽر صفي الله غزالي ڀٽو سيڪريٽري ماليات چيو ته ڪشميري مسلمانن جي جدوجهد آزادي ۽ تحريڪ جي اسان ڀرپور طريقي سان حمايت جاري رکنداسين، جيتري تائين ڀارت پنهنجو غاصبانه قبضو ختم نٿو ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button