اسلام آباد

ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي مڪمل نٿي ٿي سگهي،قمر زمان ڪائره

FEDERAL MINISTER FOR INFORMATION AND BROADCASTING, QAMAR ZAMAN KAIRA ADDRESSING PPP PARTY WORKERS IN TAXILA ON FEBRUARY 5, 2013.ٽيڪسلا ، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير قمر زمان ڪائره ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي کي نامڪمل قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي شهيد قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي خواب کي تعبير ڏيڻي آهي ۽ ڪشمير کي آزاد ڪرائڻو آهي، چونڊن جو ميدان لڳي چڪو آهي، اسان ڪارڪردگي جي بيناد تي عوام وٽ وينداسين، سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان ادارن کي احترام ڪريون ٿا، انهن کي به عوام جي چونڊيل نمائندن جو احترام ڪرڻ گهرجي، هو ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي مسلم ليگ (ڻ) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي نائب ضلعي ناظم سردار وقاص محمود جي پنهنجي ساٿين ۽ حامين سان پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي عام جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير قمر زمان ڪائره چيو ته ڪشميرين جي آزادي جي نعمت هر صورت ۾ حاصل ٿيندي، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشميرين جي آزادي کي روڪي نٿي سگهي، اڄ عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جي آزادي مڪمل نٿي ٿي سگهي، هن چيو ته چونڊن جو ميدان لڳي چڪو آهي، اسان ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام وٽ وينداسين، هن چيو ته پ پ پ جمهوريت لاءِ محترمه بينظير ڀٽو ۽ سوين ڪارڪن جون قربانيون ڏنيون، 2008ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون،محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي شهيدوالد جي نقش قدم تي هلندي جان قربان ڪئي، ان وقت به چيو پئي ويو ته هاڻي پيپلزپارٽي وٽ ڪو به ليڊر نه آهي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي وکري ويندي پر صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي 128 سيٽون کٽيون،وفاق ۾ ۽ صوبن ۾ حڪومت ٺاهي، هن چيو ته ميان نواز شريف صرف مائيڪ اڇلي ۽ ڊراما ڪري ڀٽو بڻجڻ چاهي ٿو پر کيس خبر هجڻ گهرجي ته ڀٽو ٺاهيو ناهي ويندو پر ڀٽو پيدا ٿيندا آهن، ڀٽو بڻجڻ لاءِ جانين جا نذرانا ڏيڻا پوندا آهن، آمرن جي سامهون ڄمي وڃڻو پوندو آهي ۽ ڦاهي جا ڦندا چمڻا پوندا آهن، پنهنجون نسلون قربان ڪرڻيون پونديون آهن، هن چيو ته 2008ع ۾ ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ، مهانگائي، بيروزگاري کانسواءِ دهشتگردي جو وڏو چئلينج درپيش هو، پاڪستان جو جهنڊو لاٿو پئي ويو، محترمه بينظير ڀٽو شهيد راولپنڊي ۾ پنهنجي آخري جلسي ۾ اها ئي ڳالهه چئي هئي ته آئون ۽ عوام گڏجي پاڪستان بچائينداسين، هزارين جوان ۽ آفيسر عوام جي تحفظ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪري رهيا آهن، ملڪ ۾ اٽو، کنڊ ۽ داليون موجود نه هيون، حڪومت پهرين سال 25 لک ڪڻڪ ٻاهران گهرائي هئي، کنڊ، داليون ۽ مرچ ٻاهر کان گهرايا ويا، ان وقت عوام اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پئسا هٿ ۾ کڻي لائينن ۾ لڳل هئا، پاڪستان سڄي دنيا ۾ اڪيلائي جو شڪار ٿو، آمر ملڪ جي تباهي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي، پوري دنيا اسان تي دهشتگردي جا الزام لڳائي رهي هئي، هن چيو ته سمورن وسيلن جي باوجود ملڪ کي اڳتي کڻي وڌياسين، اڄ طرم خان بڻجندڙ ملڪ کي هڪ آمر جي حوالي ڪري پاڻ دبئي ۽ سعودي عرب ڀڄي ويا هئا، جڏهن محترمه ڪلثوم نواز جي گاڏي کي روڪيو ويو هو ته ان وقت ميان شهباز شريف ۽ ان جا جيالا ڪٿي هئا، هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جرائت ۽ همت جو نئون باب لکندي هڪ اهڙي وقت واپس اچڻ جو اعلان ڪيو جڏهن ملڪ جو وجود خطرن ۾گهريل هو. هو پنهنجي جان جي خطري جي پرواهه نه ڪندي پاڪستان آئي ۽ ملڪ لاءِ جان قربان ڪري ڇڏي
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button