سکر

ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آھي، منظور وساڻ

عمر سومرو، سکر
Manzoor Wassan at Sukkur (12-02-2013)جيل کاتي جي صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته منهنجي گهرو کاتي جي دور ۽ ان وقت جي ڪراچي جون حالتون مختلف نوعيت جون آهن، پهريون به چوندو هيم ۽ هاڻي به چوان ٿو ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ ڊرگ ۽ لينڊ مافيا ملوث آهن، هاڻي ته ٻاهران به ڪجهه عناصر آيا آهن جيڪي حالتون خراب ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ منهنجي دور جي مقابلي ۾ وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي رهيون آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر کان ڪراچي روانگي کان اڳ سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، منظور وساڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي جي حوالي سان سنڌ جو وڏو وزير جيڪو گهرو کاتي جو به وزير آهي، ان قدم کنيا آهن پر ان جي لاءِ اسان کي حڪمت عملي تيار ڪري بهتر قدم کڻڻا پوندا، ان لاءِ عدالتن سان گڏوگڏ پوليس کي به سخت ايڪشن وٺڻو پوندو، ان جو چوڻ هو ته منهنجي گهرو کاتي کانپوءِ پوليس ۽ رينجرز وارا به مسلسل شهيد ٿي رهيا آهن، منهنجي دور جي مقابلي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ وڌيڪ آهي، جنهن ۾ وڌيڪ لينڊ مافيا ۽ ڊرگ مافيا آهن، مان اهو نٿو چوان ته اسان جي دور ۾ حالتون بهتر آهن پر بهتر ڪيون وڃن ته بهتريءَ جي گنجائش آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button