مختصر خبرون

ڌماڪي ۾ زخمي ٿي ويل پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر جي ڀاڄائي فوت

حيدرآباد، پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر علي محمد سهتو جي گهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ڌماڪي ۾ زخمي ٿي ويل علي محمد سهتو جي ڀاڄائي ۽ امتياز سهتو جي گهرواري ڪالهه زخمن جا سور نه سهندي ڪراچي جي هڪ مقامي اسپتال ۾ وفات ڪري وئي جنهن کي گذريل رات ڏيڍ وڳي ٽنڊي يوسف حيدرآباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي پ پ پ جي ايم اين اي امير علي شاهه ڄاموٽ، ايم پي اي عبدالستار راڄپر، کان علاوه پ پ پ حيدرآباد جي اڳواڻن سيد فياض شاهه ،امان الله سيال، ،ڄام خان شورو، عبدالجبار خان، لالا اورنگزيب،روشن سولنگي، آفتاب خانزاده، غلام رسول ڪلهوڙو، حاجي جئيندو سومرو، شير محمد ٽالپر ، قاضي بابو عبدالله ، ابرار قريشي، يامين سومرو،برڪت ٻٻر۽ ٻيا پڻ موجود هئا جڏهن ته وفاقي وزير مولابخش چانڊيو، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو، سينئرصوبائي وزير پيرمظهر الحق، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان ،صوبائي وزير اياز سومرو، صوبائي وزير مظفر شجراع، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير رفيق انجينئر،صوبائي صلاحڪار صديق ابوڀائي، وقار مهدي، راشد رباني ،ڊائريڪٽر اطلاعات حيدرآباد ڊويزن امداد علي ڪيريو، اطلاعات آفيسر شهزاد شيخ، اطلاعات آفيسر ظفر علي منگي، اطلاعات آفيسر صابر ڪاڪا ۽ ٻين پڻ علي محمد سهتو سان سندس ڀاڀي جي وفات تي تعزيت ڪئي واضع رهي ته مرحومه جو ٽيجهو 11 فروري 2013 تي ظهر جي نماز کانپوءِ علي محمد سهتو جي رهائش گاهه واقع جمعه ڳوٺ نزد آمريڪن ڪوارٽر ۾ ٿيندو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button