شاعري

ڊيلٽا ۾ جڏهن دُوڙ اُڏي ٿي

ادريس نهڙيو
بدين
Delta
ڊيلٽا ۾ جڏهن دُوڙ اُڏي ٿي
دانهن تڏهن ڌرياءُ ڪري ٿو
مرکان پڊ تي، رُڃ رڙي ٿي
روپا ماڙي روڄ ڪري ٿي
۽ دودن کي هو انُهن ڏئي ٿي
ڪارا ڪلر کائن پيا
تهذيبي شاهڪارن کي
ورثن کي ڏس وقت ڏنگهي پيو،
تاريخي اُهڃاڻ ڀرن پيا،
سنڌوءَ ڪناري سارا ماڻهوءِ
جيون جو جيئندان گهرن پيا
سمنڊ ڪنڌيءَ تي سارو جيون،
رڻ جا رولا، ڳڀيءَ ڳولا،
ماڻهن لاءِ آ ماني مُشڪل
ڪين تنهي جا ٻار پڙهن ٿا
بدحالي جي هن بستيءَ ۾،
ڪو بُک جو بم اُڇلائي ويو آ
ڪو سرمائي جو زهر سمن ۾
چالاڪيءَ سان ملائي ويو آ
ڪيسين جيئندا جيئرا جيءَ
شُگر ملن جي ڪيمڪل تي
ملاوٽن ۽ منافقين سان
ڪيسين ماڻهو ماريا ويندا
هاءِ نريڙيءَ تو لئه نير،
ڪيسين نيڻين هاريا ويندا
پنهنجن پڊن جا سارا وير
نيٺ ته هڪ ڏينهن واريا ويندا
سنڌوءُ تنهنجو پاڻي روڪي
پاپين پاپ ڪمايو آهي
مڇين پکين، جيوءَ جناور
فصلن نسلن ۽ انسانن تي
ڏاڍو ويل وهايو آهي
طرح طرح ستايو آهي
طرح طرح سان گهايو آهي
توکي ڏک رسايو آهي
ڊيلٽا ۾ جڏهن دُوڙ اُڏي ٿي
دانهن تڏهن ڌرياءُ ڪري ٿو
مرکان پڊ تي، رُڃ رڙي ٿي
روپا ماڙي روڄ ڪري ٿي
۽ دودن کي هو انُهن ڏئي ٿي…

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button