سکر

چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، شڪيل احمد شيخ

Shakeel Shaikh  (640x413)سکر : سنڌ دوست اتحاد پارٽي سکر سٽيءَ جي صدر شڪيل احمد شيخ چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن جو ايندڙ چونڊن ۾ انهن جي گهرن جو گهيراءُ ڪنداسين، ۽ ڌرڻا هڻداسين، ۽ انهن کان پنجن سالن جو حساب ڪتاب وٺنداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر پريس ڪلب ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،هن چيو ته سکر سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو تاريخي شهر ۽ سينٽر ايشيا جو ڪاروباري مرڪزي شهر آهي، جنهن جو پنهنجو بندرگاهه رهيو آهي جيڪو هڪ مخصوص ٽولي حوالي ڪيو ويو آهي، ۽ هن خوبصورت شهر کي مڪمل طور تي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، هن چيو ته سکر ۾ نه صحت جي ڪا سهوليت موجود آهي ۽ نه شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ نه وري ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن، ۽ سکر شهر جي روڊ ،رستا ٺاهرايا وياآهن، چونڊيل نمائندن جا ذاتي ٺيڪيدارن جو ذاتي ٽولو ڪم پيو ڪري ۽ نوڪريون به ڌارين کي ڏنيون ويون آهن، هن چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته شهيد ذوالفقار علي ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو ۽ ان جي قيادت ضياءُ الحق جي حامي اسلام الدين شيخ کي قبول ڪيو آهي ۽ انهن کي ووٽ ڏنا ويا آهن پر هاڻي سکر جو عوام اهڙن ماڻهن کي ووٽ نه ڏيندو، جن برسات سٽيل جا فنڊ ذاتي استعمال ۾ آندا ۽ سکر جي بندروال جي ماڻهن کي تڪليف ڏني ۽ ڪجهه ماڻهن کي راضي ڪري اسلام الدين شيخھ ھڪ ارب روپين جي فنڊ مان ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي، سکر جا چونڊيل نمائندا عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن ۽ انهن سکر شهر کي تباهي ڪناري پهچائي ذاتي فائدا حاصل ڪيا آهن، ان موقعي تي غلام رسول جهنڊير، جاويد سومرو، محمد عيدن چوهاڻ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button