شهدادڪوٽ

چونڊن ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو به حل ڪونهي، عبدالخالق جوڻيجو

ضمير کرل، شهدادڪوٽ

عبد الخالق جوڻيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي
عبد الخالق جوڻيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجي چيو آهي ته پيپلز پارٽي هجي يا مسلم ليگ اهي سڀ رياستي جوڙ جڪ جي پيداوار آهن. اُهي اُن جي تحفظ لاءِ ئي ڪم ڪن ٿيون، شهدادڪوٽ جي دؤري دوران نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي عبدالخالق جوڻيجي وڌيڪ چيو ته امڪان آهي ته اليڪشن ٿي ويندي، سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن جو ڪو به حل ڪونهي سنڌ سان ناانصافين جو ڪارڻ هڪڙي جماعت ناهي، هن چيو ته سنڌ جي مسئلن جو حل ان ۾ ناهي جو هڪڙي پارٽي وڃي ۽ مٿان ٻي پارٽي اچي، سنڌ جي مسئلن ۽ مصيبتن جو ڪارڻ رياستي جوڙ جڪ آهي،هنن چيو ته اهڙين پارٽين مان سنڌ جي حقن جي حاصلات جي اميد رکڻ پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه به ناهي ، عبدالخالق جوڻيجي چيو ته سنڌ جي نجات وڏيرن، پيرن،ميرن، جاگيردارن هٿان نه پر غريب مسڪين ماروئڙن جي هٿ آهي،ڪراچيءَ ۾ ڌاريا رتو ڇاڻ جي واقعن ۾ ملوث آهن، ڪراچي ۾ ڌارين جي آباد ڪاري ڪري بدامني ۾ واڌارو ٿيو آهي، روزانو معصوم ماڻهن کي بيگناهه گولين جي بک بڻايو پيو وڃي، جنهن جي ذميوار رياست آهي، هن چيو ته جيڪي به اسٽريٽ ڪرائيم يا مذهبي نسلي جهيڙا ٿين ٿا ان ۾ 90 سيڪڙو ڌاريا ماڻهون ملوث آهن ، رياست ٽيڪس وصول ڪري ٿي ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي پر واڳ ڌڻي پنهنجي مفادن ۾ پورا آهن، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته قومپرست اقتدار ۾ حصي جي لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، ان مان سنڌ جي حقن جي جدوجهد کي ڪو به فائدو نه رسندو، ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ عبدالحڪيم چانڊيو، شبيّر سنڌي ، فضل حسين حيدري،موندر چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button