حيدر آباد

پ پ پ سنڌ جي تقسيم ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، مولا بخش چانڊيو

Maula Bux Chandio (640x233)حيدرآباد : سياسي معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته پ پ پ سنڌ جي تقسيم ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ڪنهن به ڌر ۾ ايتري جرئت نه آهي جو پ پ پ جي آڏو سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه به ڪري سگهي هنن اهڙو اظهار اڄ ماروي ٽائون حيدرآباد ۾ هڪ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو وفاقي وزير مولا بخش چانڊيو وڌيڪ چيو ته اسيمبلين اندر هر دور ۾ قانونسازي ٿيندي رهندي آهي جنهن ۾ ترميم جي گنجائش پڻ موجود هوندي آهي پر هڪ قانونسازي کي جواز بڻائي پ پ پ تي غداري جا الزام هڻڻ افسوسناڪ عمل آهي هن چيو ته پ پ پ سنڌ جي تقسيم بابت سوچي به نه ٿي سگهي تنهنڪري مخالفن کي گهرجي ته اهي سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه کي ايترو عام نه ڪن ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ سنڌ جي تقسيم جي ڳالهه جنم نه وٺي هن چيو ته پ پ پ سدائين ملڪ ۽ عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن هن چيو ته هن ملڪ اندر صرف ڀٽوخاندان ۽ پ پ پ جي نصيب ۾ شهادتون ڇو لکيل آهن جڏهن ته ٻي ڪنهن سياسي پارٽي جا اڳواڻ اهڙيون قربانيون ڇو نه ڏئي رهيا آهن هن چيو ته ان جو واحد ڪارڻ اهو آهي ته ڀٽو خاندان ملڪي عوام سان محبت ڪري ٿو ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ چاهي ٿو هن چيو ته پ پ پ جو موجوده چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ملڪي عوام لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ۽ سندس لهجو پنهنجي والده محترمه بينظير ڀٽو جهڙو آهي تنهنڪري ملڪ جي نوجوانن کي گهرجي ته اهي هن نوجوان اڳواڻ جا هٿ مضبوط ڪن هن چيو ته چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ اسان پنهنجي چونڊ مهم دوران سمورن مخالفن جي اعتراضن جا دل کولي جواب ڏينداسين ان موقعي تي جئي سنڌ تحريڪ حيدرآباد جي نائب صدر پپو ڳاهو پنهنجي ساٿين پنهل انصاري، سڪندر انصاري، سومار ڳاهو،ممتاز ڪلهوڙو، يارو سومرو، گل ڳاهو، ايم خان ڳاهو، شهمير علي ڳاهو، پنهنجي ڏيڍ سو ساٿين ۽ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن سعيد پريو، مراد ڪوري، سراج خاصخيلي، اسد چنو،رفيق جمالي،ارسلان ابڙو،محمد علي اوٺو،ڪلديپ ديوان ۽ ٻين پ پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي تقريب کي پ پ پ حيدرآباد جي جنرل سڪريٽري فياض شاهه ، مهراڻ شاهه،رجب خاصخيلي، اعجاز مولائي ، طارق ڀٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button