مختصر خبرون

پ پ حڪومت هوندي به اسانکي روزگار نٿو ملي ، پ پ ڪارڪن

محمد اقبال سومرو ٺري ميرواهه
پ پ حڪومت هوندي به اسانکي روزگار نٿو ملي ٺري ميرواهه جي ڳوٺ محمد خان اسلامي جي رهواسي معزور پ پ ڪارڪن غلام اصغر اسلامي پاران ٺري ميرواهه ۾ مرڻ گھڙي تائين بک هڙتال ڪري ڇڏي آهي ۽ ٺري ميرواهه شهر ۾ بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي پ پ ڪارڪن چيو ته اسان پ پ ڪارڪنن کي حد جي ايم پي اي ، پ پ تعلقه ٺري ميرواهه جي صدر وساري ڇڏيو آهي ۽ پ پ تعلقه ٺري ميرواهه جي صدر پئسن عيوض نوڪريون وڪرو ڪري رهيو آهي اسان جا ٻچا بک مري رهيا آهن پر پ پ جي اڳواڻن کي ڪو به احساس نٿو ٿئي هن چيو ته جيڪڏهن نوڪري نه ڏني وئي ته معصوم ٻارڙن سميت ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪندس.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button