مختصر خبرون

پيپلز پارٽي پراڻن ڪارڪن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، ديدار علي ڏهر

سکر (بيورورپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ديدار علي ڏهر چيو آهي ته سکر جي چونڊيل نمائندن پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ جي باوجودپيپلز پارٽي وارن رابطو نه ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته پارٽي جي رڪنيت تان استعيفيٰ ڏئي ٻي پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪنداسين، هن چيو ته اسان جي پارٽيءَ جو نعرو آهي اٽو، لٽو ۽ اجهو اسان کي ٻيو ڪجهه نه کپي صرف روزگار ڏنو وڃي، سکر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ٿو ڪريان ته مون کي نوڪريءَ جو آرڊر ڏنو وڃي ته جيئن پنهنجي گهر جي ڪفالت ڪري سگهان.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button