مختصر خبرون

پيءُ جي مار کان ڀڳل ٻار پنجن سالن کان غائب

سکر (بيورورپورٽ) پنج سال اڳ پيءُ جي مار کان ڊڄي ڪري گهر کان ڀڳل سکر جي علائقي جناح چوڪ جو رهواسي سلمان احمد اڃان تائين گهر ناهي پهتو، ان جو والد محمد اسلم شمسي پٽ جي تلاش جي لاءِ سکر پريس ڪلب پهچي ويو، جتي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پنج سال اڳ معمولي ڳالهه تي مار ڪٽ ڪئي جنهن جي ڪري هو گهر کان نڪري ويو، ان جي تلاش جي لاءِ هر جڳهه تي ويس، پر اڃان تائين ان جو پتو نه پئجي سگهيو آهي، ان جي گمشدگي جي متعلقه پوليس ۾ به رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس اڃان تائين ان کي ڳولهڻ ۾ ناڪام آهي، هن اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ جي تلاش جي لاءِ منهنجي مدد ڪئي وڃي ان جي غم ۾ ان جي والده بيماري ۾ مبتلا ٿي وئي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button