خيرپور

پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن ، طاهر حُسين سانگي

DC DPEC Meeting (640x165) خيرپور : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي چيو آهي ته پوليو جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته صحت، روينيو، تعليم کاتي جي ملازمن کي پوليو مهم سان لڳايو ويو آهي. هن اهڙو اظهار درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ ضلعي سطح تي جوڙيل ڪاميٽي ڊي پيڪ جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور چيو ته ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ يونين ڪائونسل سطح کان ملڪي ليول تائين گڏيل ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن ته خيرپور ضلعي انتظاميه پاران يونين، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي پوليو جي خاتمي لاءِ جوڙيل ڪاميٽين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن ضلعي اندر پوليو مهم کي وڌيڪ موثر بڻائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو جي رفيوزل (انڪاري) ڪيسن کي مذهبي رهنمائن توڙي انهي لاڳاپيل علائقن جي معزز ماڻهن سان گڏجي حل ڪيو وڃي. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ڊي سي خيرپور طاهر حُسين سانگي اي ڊي او هيلٿ، ضلعي جي مختلف تعلقن جي لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقه هيلٿ آفيسرس کان پوليو مهم جي حوالي سان سندن ورتل ڪوششن توڙي پوليو مهم سان درپيش مسئلا معلوم ڪيا ۽ انهن مسئلن جي حل لاءِ واسطيدار اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور يونين سطح ۽ تعلقي سطح تي پوليوجي خاتمي لاءِ جوڙيل ڪاميٽين جي گڏجاڻين ۾ شرڪت نه ڪندڙ عملدارن خاص طورتي يوسي سيڪريٽرين ۽ تپيدارن خلاف کين شوڪاز موڪلڻ جي لاءِ واسطيدار عملدارن کي حڪم جاري ڪيا. جڏهن ته پوليو مهم دوران ڪولڊ چين کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ (اي ڊي ايل جي) مخُتيار حسين سولنگي، پي پي ايڇ آءِ جي نمائندي کي سختي سان پابند ڪيو ويو. گڏجاڻي ۾ اِي ڊي او هليٿ ڪئپٽن ڊاڪٽر احسان الله سيال، ايس پي هيڊڪوارٽر غلام اڪبر وڳڻ، ڊبليو ايڇ او جي ڊاڪٽر عمران احمد مهر، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪئپٽن انوارالحق، ڊاڪٽر علي اڪبر گهانگهرو، يونيسف، روٽري ڪلب، اين سي ايڇ ڊي، آءِ آر سي ، پي پي ايڇ آءِ ، صحت، تعليم ، روينيو ۽ ٽي ايم اي جي نمائندن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button