مختصر خبرون

ٽي ايم او ناروجي بدلي خلاف احتجاجي مظاهرو

هنڱورجا: ٽي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بدلي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ڌرڻو بدلي نه روڪڻ جي صورت ۾ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ، تفصيل موجب تعلقي نارو جي مختلف ڳوٺن جي رهواسين ٽي ايم او نارو ظفر اقبال ڦلپوٽو جي بنا جواز بدلي ڪرڻ خلاف محمد علي ، فدا حسين، علي گوهر، غلام عباس، بشير احمد، امتياز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي ٽي ايم او جي بدلي روڪيو جا نعرا هنيا. ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ٽي ايم او نارو جي بنا سبب جي بدلي ڪري علائقي واسين جا ذيادتي ڪئي وئي آهي . هنن چيو ته ظفر اقبال تعلقي جي هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ فرش بندي، سي سي بلاڪ ، ڊرينيج سسٽم کان سواءِ ڏورانهن علائقن جي ڀٽن جي ڳوٺن ۾ به مٺي پاڻي جي سپلاءِ جا منصوبا مڪمل ڪرايا. اهڙي عوام دوست ٽي ايم او جي بدلي ڪري هتان جي عوام سان وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هنن صوبائي وزير بلديات آغا سراج احمد دراني ۽ سيڪريٽري بلديات کان مطالبو ڪيو آهي ته بدلي ڪيل ٽي ايم او ظفر اقبال ڦلپوٽو جي فوري طور تي واپس ڪرائي تعلقي جي عوام ۾ پکڙيل بي چيني کي دور ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button