مختصر خبرون

ٻٽي نظام ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ ووٽرن جي تصديق نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي

ٺري ميرواه (محمد اقبال سومرو) ٺري ميرواهه ۾ فقير سڪندر علي شر ، فقير آفتاب سڪندر شر جي اڳواڻي ۾ ٻٽي نظام ۽ ڪراچي ۾ فوج جي نگراني ۾ ووٽرن جي تصديق نه ٿيڻ خلاف احتجاجي ريلي ، درگاهه گودڙيه کان نڪتل ريلي ٺري ميرواهه شهر کان پريس ڪلب پهتي ، جتي خطاب ڪندي فنڪشنل مسلم ليگ ضلع خيرپور جي نائب صدر فقير سڪندر علي شر چيو ته پ پ پ ٻٽي مڪاني نظام جي صورت ۾ سنڌ جي عوام سان غداري ڪئي آهي ، عوام کين ان جو جواب ايندڙ چونڊن ۾ ڏيندو ، هن وڌيڪ چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ جي مقبوليت ڏسي مخلاف انتڪامي ڪاروايون پيا ڪن ، فنڪشنل ليگ وٽ عوام جي ڀلائي وارو نظريو آهي ، حڪمرانن عوام جي اهنجن جو ازالو نه آهي ڪيو ، عوام هوشيار آهي ايندڙ اليڪشن ۾ ف ليگ کي ووٽ ڪندو ، هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جا اصل حقيقي وارث حر آهن ، سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ سانباها ٿي رهيا آهن ، سنڌ کي بدامني مهانگائي ، بيروزگاري جا تعفا ڏيندڙ حڪمرانن کي ايندڙ چونڊن ۾ عبرتناڪ شڪست نصيب ٿيندي ، ان موقعي تي فقير آفتاب سڪندر شر ، محمد علي شر ٻين خطاب ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button