مختصر خبرون

ٻن ڏينهن اندر تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون ڏنيون وينديون، ٽي او فنانس

ٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو) ٽي ايم اي ٺري ميرواهه جي نئين مقرر ٿيل ٽي او فنانس محمد اسلم ميتلو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ٻن ڏينهن اندر تعلقه ڪائونسل ٺري ميرواهه جي سمورن ملازمن کي ٻن مهينن جون پگهارون ڏنيون وينديون ، پگهارون نه ملڻ تي هڙتال تي ويٺل ملازمن جي هڙتال ختم ڪرائڻ بعد ٽي او فنانس محمد اسلم ميتلو وڌيڪ چيو ته تعلقه ٺري ميرواهه جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويندا ۽ ڳوٺن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪيون ويندون ، هن وڌيڪ چيو ته صوبائي وزير لوڪل گورنمنٽ سراج دراني جي هدايتن تي ٺري ميرواهه جي شهرين کي بنيادي سهولتون ڏياريون وينديون ، هن چيو ته ٺيڪيدارن کي سندن بل ڏنا ويندا ۽ اخبارن جا رهيل بل پڻ ادا ڪيا ويندا .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button