مختصر خبرون

ٺري ميرواهه ڀرسان ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات ۽ ٿڌ سبب مال ۾ بيماري پئجي وئي

ٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو) ٺري ميرواهه ڀرسان ڏهن کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات ۽ ٿڌ سبب مال ۾ بيماري پئجي وئي ، ڳوٺ عظيم خان دستي ، ڳوٺ عجيب دستي ، ڳوٺ سردار خان شر ، ڳوٺ هوت خان شر ۽ ٻين ۾ مال ۾ بيماري پئجي وئي آهي ، جنهن سبب ٻن ڏينهن اندر ڏهه کان وڌيڪ ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور مري ويا آهن ، وٽنري کاتي پاران ڪابه ويڪسين نه ڪئي وئي ، ڳوٺاڻن اعجاز دستي سينگار حسين ، منظور ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته تازي پيل برسات کان پوءِ مال ۾ مختلف قسمن جي خطرناڪ بيماري پئجي وئي آهي ، جنهن سبب اسان جو مال مري رهيو آهي ، دانهون ڪرڻ باوجود وٽنري کاتي جو ڪوبه ماڻهون نه پهتو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button