مختصر خبرون

ٺري ميرواهه : ٻن مهينن کان ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف مظاھرو

ٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو) گذريل ٻن مهينن کان تعلقه ميونسپل ميرواهه جي ڪچن ۽ پڪن ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن معصوم ٻار ساڻ ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪري ڇڏي ، ملازمن پاران ٽي ايم او ٺري ميرواهه انور بلوچ خلاف سخت احتجاج ، صفائي جي عملي پاران سيٺارجه ، بوزدار وڏا ، سئي گئس ۾ ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڇڏي ، ۽ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان صفائي نه ڪئي شهر ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا ، بک هڙتال تي ويٺل صفائي جي عملي ۽ تعلقه ميونپسل جي عملي رجب علي شيخ ، طالب حسين شيخ ، دائم علي گرگيج ، الطاف حسين چوهاڻ ، عطاءَ حسين شيخ ، آصف علي شيخ ، اطهر علي شيخ دانهون ڪندي صحافين آڏو ٻڌايو ته ٽي ايم او ٺري ميرواهه انور بلوچ ۽ اڳوڻو ٽي او فنانس اسان جون پگهارون به ڪڍرائي هڙپ ڪري ويا آهن ، هن مهيني جي به پگهار نه ڏني وئي آهي ، جنهن سبب اسان جا معصوم ٻارڙا فاڪا ڪشي تي مجبور آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button