سکر

نياڻي جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي، والد پاران اپيل

Heart Diseaseسکر (بيورورپورٽ)پريالوءِ جي رهواسي سيد نظام شاهه سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت اعليٰ اختيارين ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس دل ۾ سوراخ جي مرض ۾ مبتلا 10 سالن جي نياڻي سنڌراڻي جي علاج ۾ مدد ڪئي وڃي جيئن ان جي حياتي بچي سگهي برساتي موسم باوجود پنهنجي 10 سالن جي معصوم نياڻي سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي هن ميڊيا کي ٻڌايو ته دل ۾ سوراخ سبب سندس 5 سالن نياڻي دعا پڻ اڳ ۾ فوت ٿي چڪي آهي هو هڪ اداري ۾ ملازم آهي کيس ايتري سگهه ڪونهي جو علاج ڪرائي سگهي هن لک پڙهه ڪرائي انڊيا مان نياڻي جي علاج خاطر اين او سي ورتي آهي ۽ 9 فيبروري تي پڻ ويزا لاءِ اسلام آباد ويندو سندس نياڻي جي علاج لاءِ اسپتال جو خرچ 4 لک 80 هزار روپيا آهن هن حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته ان جي مدد ڪئي وڃي جيئن هو پنهنجي نياڻي جو علاج ڪرائي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button