ھنڱورجا

هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي سوين آبادگارن جي احتجاجي ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو مطالبن

Water protestهنڱورجا: هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي سوين آبادگارن جي احتجاجي ريلي قومي شاهراهه تي ڌرڻو مطالبن جي مڃتا لاءِ 6 ڏينهن به بک هڙتال جاري رات ڏينهن ڪئمپ تي رهڻ ڪري ٽن آبادگارن جي حالت خراب ، آبادگارن جي احتجاج تي چونڊيل نمائدن توڙي ڪامورن ڪوبه ڌيان نه ڏنو احتجاجي ڪئمپ تي جسقم جي مرڪزي وفد ۽ جماعت اسلامي جو وفد يڪجهتي طور پهتو، آبادگارن پاران مطالبا تسليم نه ٿيڻ جي صورت ۾ ايندڙ چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ نه ڪرڻ جو اعلان.
تفصيل موجب هنڱورجا ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي سڏ تي سوڀوديرو تعلقي جي 200 اسڪارپ ٽيوب ويل 10سالن کان ناڪارا هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زمين سم جي لپيٽ ۾ اچي وڃڻ ۽ تعلقي جي 17 شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري شاخون مڪمل طور تي پورجي وڃڻ خلاف تعلقي جي هنڱورجا، سڳيون، سمي، مڏ ، پير حيات شاهه ، گڏيجي، رسول آباد ، راڻيپور، سوڀوديرو يوسيز جي آبادگارن ۽ هارين ڪامريڊ ڪانڊيرو خان سهتو ، نظر لاڙڪ، لونگ خان حطار ، شمن عباسي ، رضا کوکر ، ممتاز سهتو ، غلام شبير سهتو، ڪوڙل خان قريشي ، خدا بخش سهتو، منظور منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن سخي ناصر شاهه سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري اريگيشن ۽ اسڪارپ کاتي جي ڪامورن خلاف سخت نعريابي ڪرڻ بعد 6 ڏينهن کان قائم بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي بک هڙتال تي ويٺا، 6 ڏينهن کان مسلسل رات ۽ ڏينهن جو ڪئمپ تي موجود هجڻ سبب سخت سردي ۽ مڇرن سبب ٽي آبادگار لونگ خان حطار، ممتاز سهتو ۽ منظو حسين بيمار ٿي پيا آهن جن جي حالت خراب ٿي پئي آهي ، جڏهن ته آبادگارن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو مرڪزي وفد ڪيهر انصاري ، ۽ جماعت اسلامي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري ممتاز حسين سهتو جي اڳواڻي ۾ وفد ڪئمپ تي پهتو جن آبادگارن سان سڪجهتي جو اظهار ڪيو، هوڏانهن بک هڙتال تي ويٺل آبادگار اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام لڳايو ته تعلقو صوڀوديرو ۾ اسڪارپ جا 200 ٽيوب ويل گذريل ڏهن سالن کان ناڪارا هجڻ باوجود انهن جي مرمت بهاني ڪامورن ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي. ٽيوب ويل ناڪارا ٿيڻ هجڻ ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم جي پاڻي سبب تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي جنهن ڪري آبادگارن کي ساليانه ڪروڙين روپين جو نقصان رسي پيو، ان کان سواءِ تعلقي صوڀوديرو جي 17 شاخن ۽ واهن مان ڪنهن به شاخ جي اريگيشن کاتي وارن کاٽي ناهي ڪرائي جنهن ڪري واهه مڪمل طور تي پورجي ويا آهن اسان جي احتجاج کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر ان باوجود ڪوبه چونڊيل نمائندو توڙي آبپاشي ۽ اسڪارپ کاتي جي ڪامورن مان ڪوبه اسان جا مسئلا معلوم ڪرڻ ناهي پهتو جيڪڏهن اسان جا جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ڪنهن به پارٽي اميدوار کي ووٽ نه ڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button