سکر

ن ليگ وٽ عوام ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ ڪوبه منشور ناهي، خورشيد شاھ

عمر سومرو، سکرKhursheed Shah(640x373)
مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته ايندڙ هڪ هفتي ۾ نگران سيٽ اپ جا نالا فائينل ڪيا ويندا، نواز ليگ نگران سيٽ اپ لاءِ اڃان تائين ڪوبه نالو ناهي ڏنو جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏبي ن ليگ وٽ عوام ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ ڪوبه منشور ناهي، ن ليگ شامل ٿيل پنجاب جي 8 اسيمبلي ميمبرن کي سينٽ جي چونڊن ۾ غداري ڪرڻ تي شوڪاز نوٽيس ڏنو ويو هيو جن ماڻهن شهيدن جي پارٽي سان غداري ڪئي آهي ٻي پارٽيءَ سان ڪهڙي وفا ڪندا سکر ڇو هارا مارڪيٽ لڳ روڊ جي افتتاح، سينٽرل جيل ون لڳ SIUTسينٽر جو سنگ بنياد ۽ سکر بندر وال اندر مڪراڻي مسجد جي سنگ بنياد واري تقريب واري موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ گرينڊ الائنس سان پيپلز پارٽي تي ڪوبه اثر نه پوندو جڏهن ته ايم ڪيو ايم سان حڪومتي اتحاد هيو ڪابه جماعت اڪيلي سر يا اتحاد ڪري چونڊو وڙهي اهو انهن کي جمهوري حق حاصل آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ 2008 کان 15 سيڪڙو پنجاب مان وڌيڪ سيٽون حاصل ٿينديون موجوده جمهوري حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا آهن ۽ ٻيهر ڪامياب ٿي عوام کي وڌيڪ سهولتون ڏيندا سين. ان موقعي تي ورڪس ايندڙ سروسز بلڊنگ انجينئر سکر هدايت الله نائچ ٻڌايو ته مڪراڻي مسجد منصوبي تي 8 ڪروڙ رپيا لاڳت ايندي ۽ 18 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو: سيد خورشيد احمد شاه چيو ته حڪومت عوام کي صحت جي سهولتون فراهم ڪرڻ لاء ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي سنڌ انسٽيٽويٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن (SIUT) جو سکر يونٽ قائم ٿيڻ انهي سلسلي جوحصو آهي 3ڪروڙ روپين سان 20 ايڪڙ زمين تي تعمير ٿيندڙ ايس آئ يو ٽي سکر يونٽ جي سنگ بنياد رکڻ بعد هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سکر جو عوام ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ان جي ٽيم جا ٿورائتا آهي ته هن انسانيت جي خدمت لاء سکر جي چونڊ ڪئي هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان هن سلسلي ۾ 3 ڪروڙ رپيا ڏنا آهن ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاه سنڌ حڪومت پاران تعاون جو يقين ڏياريو آهي هن چيوته ايس آئئ يو ٽي يونٽ سکر سان سبي ،رحيم يارخان، دادو، بي نظيرآباد،خيرپور ۽ ٻين علائقن کي فائدوٿيندو ۽ صحت جون سهولتون پڻ ميسر اينديون. هن کان علاوه سيد خورشيد احمد شاه 50 ملين روپين جي لاگت سان ڪنڌراناڪي کان سکر باء پاس تائين ۽ 40 ملين روپين جي لاگت سان سکر بيئراج کان وائيه آغا قادرداد کجور مارڪيٽ روهڙي باء پاس تائين روڊ جي تعمير جو افتتاح ڪيو ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر نصرالله بلوچ، وڏي وزير جو صلاحڪار پهلاج راءِ، پ،ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ يپلز پارٽي سکر سٽي جو صدر مشتاق سرهيو ،ڊي سي سکر بلال احمد ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button