سکر

نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي، مخدوم شاهه محمود قريشي

عمر سومرو، سکر

شاھ محمود قريشي ميڊيا سان ڳالھائيندي
شاھ محمود قريشي ميڊيا سان ڳالھائيندي
اڳوڻي وزير خارجه،۽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو عوام ۽ تمام سياسي پارٽيون اليڪشن چاهين ٿيون، ان لاءِ اگر ڪنهن بهاني سان چونڊون ملتوي ڪيون ويون ته پنهنجون احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، پيپلزپارٽي ۽ ان جي حڪومت چونڊون ملتوي ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، ڇو ته انهن وٽ عوام کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي، نگران سيٽ اپ لاءِ مشاورت نه ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مشاورت ڪئي وڃي يا نه اسان چاهيون ٿا ته اهڙو نگران سيٽ اپ هجي جنهن تي سڀني کي اعتماد هجي، ايم ڪيو ايم پاران عليحدگي کان پوءِ حڪومت تي دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪرڻ جو الزام حيران ڪن آهي، ڇو ته هو حڪومت جا تمام راز و نياز ۾ ان سان گڏ رهي آهي، . سکر ايئرپورٽ تي اسلام آباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي عليحدگي تي به عوام سوال ڪري رهيو آهي، انهن جي اها عليحدگي عارضي آهي يا مستقل ان لاءِ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻو پوندو، ڇو ته انهن جي ساک ايتري ڪري چڪي آهي ته سمجهيو پيو وڃي، ڪٿي اهي چونڊن جي شفافيت کي متاثر ڪرڻ جو منصوبو ته نه آهي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي پنجاهه هزار پلاٽ پنهنجي ڪارڪنن ۾ تقسيم ڪرڻ جو منصوبو رکي ٿي جنهن جي باري ۾ اليڪشن ڪميشن کي تحريري طور تي آگاهه ڪري چڪا آهيون، هو ان جو نوٽيس وٺي، ڇو ته اهو عمل پري پول رگينگ جي مترادف آهي، سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون ناڪام ٿي چڪيون آهن هڳو صرف نوڪريون وڪڻڻ ۽ اثاثا ٺاهڻ ۾ مصروف آهن، هن هڪ سوال اٿاريو ته جڏهن سنڌ حڪومت ۾ پاڻ دهشتگردن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي ته ڪراچي ۾ امن ڪيئن بحال ٿيندو، هن چيو ته پنجاب ۾ پيپلزپارٽي جي ميمبرن جي ن ليگ ۾ شموليت کانپوءِ وڌيڪ ميمبر پيپلزپارٽي کي ڇڏڻ لاءِ تيار آهن، اسان تبديلي شخصيتن جي ذريعي نه بيلٽ باڪس جي ذريعي آڻڻ چاهيون ٿا، اسان اليڪشن ڪميشن جي تحليل نٿا چاهيون، اسان صرف ۽ صرف آزاد ۽ غير جانبدرا اليڪشن ڪميشن چاهيون ٿا، هن جو چوڻ هو ته موجوده جانبدار صرف جي موجودگي ۾ اليڪشن جي شفافيت جو سواليه نشان آهي، هن ڪوئيٽه ۾ پيش ايندڙ واقعي کي گذريل واقعي جو تسلسل قرار ڏيندي چيو ته اگر گذريل واقعي جي مجرمن کي گرفتار ڪيا وڃن ها ته شايد ائين نه ٿئي ها، گورنر راڄ جي نفاذ جي باوجود اتي اهڙي طرح جا واقعا پيش اچڻ حڪومت جي بي وسي کي ظاهر ڪن ٿا ۽ اهڙي واقعي جي مذمت ڪريون ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button