مختصر خبرون

موجوده حڪومت جو دور ملڪي تاريخ جو بدترين دور ثابت ٿيو آهي، ن ليگ

سکر (بيورورپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) سکر ضلعي جي سينيئر اڳواڻ يونس راجپوت ۽ پريس سيڪريٽري محمد عظيم عباسي پاران پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته موجوده حڪومت جو دور ملڪي تاريخ جو بدترين دور ثابت ٿيو آهي، موجوده حڪومت ۾ عوام جي مسئلن ۽ مشڪلاتن ۾ اضافو ٿيو آهي، غريب عوام کي ڪوئي رليف ناهي مليو، سنڌ ۾ مسلم ليگ (ن) جا ڪامياب جلسا عوام جي امنگن جي ترجماني ڪري رهيا آهن، ايندڙ اليڪشن ۾ فتح يقيني آهي، ڪامياب جلسا ڏسي ڪري حڪمرانن جون ننڍون حرام ٿي ويون آهن، هنن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت جا پنج سالن وارو دور ملڪي تاريخ جو بدترين ۽ سياه دور ثابت ٿيو آهي، مهنگائي ۽ ڪرپشن جي ڪري ملڪ تباهيءَ جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ عوام کي هاڻي درست فيصلا ڪرڻا پوندا، ايندڙ اليڪشن ۾ عوام مسلم ليگ (ن) کي مينڊيٽ ڏئي ڪري ثابت ڪري ته اهي محبت وطن آهن، ۽ ملڪ بچائڻ جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان دريخ نه ڪندا، حڪمرانن جي غلامن واري پاليسي جي باعث ملڪ معاشي ۽ اقتصادي بحران جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، جمهوريت جي نالي تي عوام کي ڌوکو ڏنو ويو ۽ سبز باغ ڏيکاريا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button